سکر/اڪري چودڳي (نمائندن وٽان) ناياب نسل جي انڌي ٻلهڻ خوراڪ جي تلاش ۾ سنڌو درياهه مان نڪري خيرپور فيڊر ايسٽ ميرواھ مان نڪرندڙ علي نواز واهه ۾ پهچي ويئي انڌي ٻلهڻ کي ڳوٺاڻن آرڊي نمبر 47 وٽان واھ ۾ موجود ڏسي مقامي صحافين کي اطلاع ڏنو جنهن بعد انڌي ٻلهڻ کي ماڙي شاخ کان هيسباڻي توڙي چانڊيا ريگيوليٽر وٽان اپ ۽ڊائون اسٽريم سفر ڪندي ڏٺو ويو جنهن بعد انڌي ٻلهڻ علي نواز واھ جي پڇڙي طرف لڙهي ويئي جيڪا ڀنگو بهڻ جي آس پاس آرڊي 65 وٽ موجود رهي، انڌي ٻلهڻ کي علي نواز واھ جي پڇڙي ڳوٺ مهاڙي لڳ ڳوٺاڻن ڄار ذريعي ڦاسائي پاڻي جي تلاءَ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو جڏهن ته ريسڪيو عملو نه پهچي سگهيو، انڌي ٻلهڻ جي موجودگي جي اطلاع تي واھ جي ڀرپاسي جي علائقن جا سوين ڳوٺاڻا پهچي ويا جن کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي انڌي ٻلهڻ جي موجودگي جو اطلاع بروقت جهنگلي جيوت کاتي انڊس ڊولفن ريسڪيو عملدار سکر ۽ اڪري پوليس کي پڻ ڏنو ويو پرپوليس توڙي جهنگلي جيوت کاتي جا عملدار انڌي ٻلهڻ جي حياتي بچائڻ لاءِ نه پهچي سگهيا.