ڪراچي(شوبز نيوز) گلوڪار علي ظفر عيد جي موقعي تي مداحن لاءِ نئون ثقافتي گيت رليز ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.سوشل ميڊيا پوسٽ ذريعي علي ظفر چيو ته تيار ٿي وڃو، هن عيد تي اچي رهيو آهي ته ايندڙ ثقافتي ڌماڪو!گلوڪار جي ان پوسٽ مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته هو وڏي عيد جي موقعي تي مداحن لاءِ هڪ ٻيو ثقافتي گيت پيش ڪرڻ وارو آهي.علي ظفر ان کان اڳ بلوچي، سنڌي، پشتو ۽ سرائيڪي ٻولين ۾ گيت پيش ڪري چڪو آهي.هن پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته اهي سمورا گانا هڪ خوبصورت سفر جو حصو رهيا آهن ۽ هاڻ وقت آهي هڪ نئين گاني جو.علي ظفر مداحن کي ان گاني جي ٻولي، علائقي ۽ شريڪ فنڪارن بابت اندازو لڳائڻ جو به چيو.