ابوظهبي (شوبز نيوز) پاڪستاني گلوڪار علي طارق کي ميوزڪ آئيڪن ارجيت سنگهه سان گڏ ڳائڻ جو يادگار موقعو ملي ويو.
بالي ووڊ انڊسٽري جو سپر اسٽار ارجيت سنگهه ابو ظهبي ۾ پنهنجي آواز جو جادو جاڳائي رهيو هو ته هن اتي علي طارق جي موجودگي جو نوٽيس ورتو ۽ سندس حوصلا افزائي ڪندي کيس پاڻ سان گڏ ڳائڻ جو موقعو فراهم ڪيو.علي طارق ان شاندار موقعي تي ضايع نه ڪيو ۽ ڀارتي گلوڪار سان گڏ ٻول ڳايا، جنهن تي ارجيت مسڪرائيندي کيس شاباشي ڏني.ارجيت سنگهه ۽ علي طارق جي گاني جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي ۽ واهپيدار ارجيت سنگهه کي اهڙو قدم کڻڻ تي ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهن.