علي بابا: ھڪ باغي جوڳيسر!

0
115
شاھ لطيف: هڪ انقلابي شاعر

                 ڪو زمانو هو ليکڪ ۽ شاعر درٻارن ۾ اُجرت يا وظيفي تي لکندا هئا. اهي واکاڻ جا واڄٽ ڪري روزي“حلال” ڪندا هئا. ايئن تاريخ ڄڻ حڪمرانن جي ويهاريل سُريت ٿي وئي ۽ آرٽسٽ گولن جا غلام ٿي انهن جي درن جي چائنٺ تي مري کپي ويندا هئا ۽ شاعر حضرات قافيا ۽ رديف ملائي بادشاھه ۽ راڻي جي جمالياتي حس کي مالش ڪندا هئا. قلم جو ڪنڌ جڏهن جُهڪي ويندو آهي، تڏهن ان جي لکندڙ جو ضمير به مري ويندو آهي. تاريخ جو اهو دور اڄ به جاري آهي. هي خوشامد، بوٽ پالش ۽ چمچاگيري جو دور آهي. هتي اڪثر اديب، شاعر ۽ صحافي  بازار جي وکر جيان وڪرو ٿي رهيا آهن. سُر درٻاري ۾ هو جُهونگارين ٿا ۽ قصيده لکي مراعتون حاصل ڪن ٿا. سنڌ ۾ لکاري طبقي جي خسيس پڻي سبب سچايون دٻجي وڃن ٿيون ۽ حڪمران طبقي کي زيادتيون ڦٻي وڃن ٿيون. اهڙي ماحول ۾ علي بابا غريبي ۾ گذاريو پر ڪنهن مسند ۽ مفادن لاءِ نه لکيو. لکڻ جو هي اسٽائيل ارڏائپ ۽ خودداري سان ڀرپور هو. علي بابا جي زندگي ڪنهن لاڏائو قبيلي جي دربدري جهڙي هئي. هو هڪ جپسي هو.(سنڌ ۾ جيڪو اديب “حاڪماڻي بيهڪ” جو حصو ناهي ۽“سامراجي سرشٽيءَ” جي وڇايل نيٽ ورڪ يعني اين جي اوز کان ٻاهر آهي اهو جپسي ناهي ته ٻيو ڇاهي؟ ) هو ايئن ئي ڀٽڪندو رهندو هو جيئن هن جي ڪهاڻين جا ڪردار ڌرتيءَ ڌڪاڻا ٿي ڀٽڪندا هئا. هن جو وجود ۾ ڪٿي به ڪو ٺڪاڻو نه هو. هو پنهنجي ڪهاڻين جيان اڻپورو هو، وجودي ڪيفيت ۾ رهندو هو. هو ڪٿان کان ايندو هو ۽ ڪيڏانهن گم ٿي ويندو هو. هن جي ڪا ايڊريس نه هئي. هن جي زندگي جو هر پل درد جو احساس هو، اهو درد جيڪو هن جي جيون جو اٽوٽ حصو بنجي چڪو هو. علي بابا ۽ درد هڪ شيءَ جا ٻه نالا آهن. اهو درد هن جي لکيل ڪهاڻين ۾ محسوس ڪري سگهجي ٿو. جيئن سنڌ جا دراوڙ هن جاگيرداراڻي سماج جي گهاڻي ۾ ڀوڳين ٿا، ايئن علي بابا به دراوڙ ٿي ڀوڳيندو هو ۽ جيئندو هو. هن سماج ۾ دراوڙ ٿي جيئڻ ۾ به ڪيڏو نه عذاب آهي! علي بابا منفي تاريخي ارتقا جو ڪرب جهاڳي ٿو، ايئن سنڌو ماٿر جي تهذيب موئن جو دڙو، سنڌو درياءَ ۽ دراوڙ هن جي ناول ۽ ناٽڪ ۾ عروج و زوال ڏسن ٿا. هو وقت جي جبر سان پيدا ٿيل ڌنڌ پاڇن جي ڪهاڻي ڏاڍي سچائي سان بيان ڪري ٿو: هڪڙي ڏهاڙي هڪڙو چٻ جهڙو پوڙهو تاريخدان منهنجي اونداهي ڪمري ۾ آيو ۽ حقي جهڙي بڙ بڙ ڪندي آواز سان چيائين:

“مون ٻڌو آهي ته تون دراوڙن جي تاريخ لکي رهيو آهين؟”

چيم، “ ها، مان وقت جو نوجوان آهيان_ مان دراوڙن کان عبدالرزاق شهيد تائين تاريخ لکي رهيو آهيان.” ( نوان پيغامبر)

علي بابا جي پوري ٽهي ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ جي دور سان تعلق رکي ٿي. ورهاڱي گهرا ۽ دردناڪ اثر مرتب ڪيا هئا. انهي پسمنظر جي ناسٽلجيا ۾ لکيل سندس هڪ ڪهاڻي“ڌرتيءَ ڌڪاڻا” آهي. هن ڪهاڻي ۾ پوسٽ_ ڪالونيل حالتن جي تشريح آهي. علي بابا سنڌو ندي جي ڪناري تي ويهي سنڌو جي ڦوھه جواني جا دور به ڏٺا ته سنڌو جي پيٽ ۾ اڏامندڙ واري جا طوفان به ڏٺا. هن ڄاتو ٿي ته دنيا جون قديم تهذيبون دجله فرات، نيل، هوانگ ۽ سنڌو جي ڪنارن تي آهن. سنڌو درياءَ هماليه جبل جي تبت کان ڪيلاش پربت جي مانسرو ڍنڍ مان نڪري يارنهن سئو ميل ڪشمير جي گلگت واري جابلو واري علائقي کي لتاڙيندي، ٻارنهن هزار فوٽن جي بلندي تان پنهنجو رخ اختيار ڪري، پنجاب ۽ خيبر پختونخوا صوبن کان ٿيندي مٺن ڪوٽ کان ڪشمور وٽ ارڙهن سئو ميل وهي، ڪيٽي بندر وٽ ڇوڙ ڪري ٿو. انهي سنڌو تي وسندڙ سنڌ تي علي بابا جذباتي انداز ۾ لکي ٿو: “سنڌ ڪنهن نڌڻڪي ساوتري جو نالو ڪونهي جو جيڪو لئي مان لٺ ڀڄي ليڪو هڻي کيس ڊاهي ڇڏي. آهي ڪو ماءُ ڄائو جو ڀڳي ٺوڙهي کي پنهنجي جڳھه تان ڌوڏي سگهي، ڪو آهي جو ڪارونجھر، کير ٿر، هالار کي پنهنجي جڳهين تان اکوڙي سگهي، ڪو آهي جو پاراشر ۽ سورجاڻي کي پاڙان پٽي اڇلائي! اڃان گهڻا سڪندر ايندا، پر درياءَ شاهه وهندو رهندو.” ( ڌرتيءَ ڌڪاڻا)

ڪي ليکڪ رڳو شهرت ۽ مفادن لاءِ لکندا آهن، ته ڪي وري پنهنجي آدرشن جي سچائي جي ڦهلاءُ لاءِ لکندا آهن. علي بابا پنهنجي لفظن، ڪردارن، ڪردارن جي نالن ۾ هڪ معنيٰ پوئي ٿو. هن سنڌ جي سيڪيولر ڪلچر ۽ تهذيب، ماڻهن جي وسيلن جي ڀيلاڙ ۽ رولاڪي جي حقيقت جو اسڪيچ چٽيو آهي. هو ڪهاڻين جي رڳن ۾ مسلسل سڃاڻپ جي بحران ۾ گذرندو رهي ٿو، شايد، هن جا لکيل ماسٽر پيس “موئن جو دڙو” ۽ “دنگي منجھه دريا”  اهڙي ڪيفيت جو عڪس آهن. علي بابا هڪ غير روايتي ماڻهو هو. سندس سوچ جي اک اُلٽي هئي. هن جا ڪي خيال ۽ دليل هن سماج جو هاضمو خراب ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن. اهو اظهار جدلياتي آهي:

“مان دل تي وڏي واڪ هٿ هڻي چوان ٿو، آدجڳاد کان موسمون بدلڻ ويل، سج  ڪراڪروم جي چوٽين کي وگهاريندو رهيو آهي. ڪنهن به شيءَ تي جمود طاري ٿيڻ جو سوال ئي نٿو پئدا ٿئي.” ( اونداهيون ڏسائون ۽ مان”

حقيقت ۾ آرٽ جو اصل ڪم مروج مدي خارج سوچن ۽ تصورن کي ٽوڙڻ، نت نواڻ پيدا ڪرڻ، ريشنل ائپروچ جوڙڻ ۽ نئون سماج اڏڻ هوندو آهي. علي بابا پنهنجي لکڻ ۾ احتجاجي آهي، مڪمل باغي آهي. هو وڃايل شناخت، اُجاڙ کيتن، اُداس ملاحن، مظلوم ڪولهين ۽ دربدر نسلن تي بار بار ويچاري ٿو، اهڙي رڃ ۾ ڀٽڪڻ کانپوءِ هو گاريون به ڏيئي ٿو ۽ ڪاوڙ جي جلترنگ کي جهڪو ڪري ٿو. هن جي ڪهاڻين جا ڪردار ڏتڙيل ۽ مظلوم پورهيت ماڻهن جي ڀوڳنا تي ڳالهائين ٿا، ته عورت جي سماجي ويڳاڻپ تي ويچار ڪن ٿا. جيئن حسن درس جي شاعري ۾ عورت ڇانيل آهي، ايئن علي بابا جي ڪهاڻي جو مرڪزي ڪردار به عورت آهي، پر فرق هي آهي ته حسن جو عورت سان رويو رومانوي آهي، جڏهن ته علي بابا انهن عورتن جي درد ۽ پيڙا تي لوچي ۽ لُڇي ٿو. ڪهاڻي جي روپ ۾ هي سنڌ شناسي آهي. تاريخ جي تشريح جو هي انداز غير روايتي ۽ دلچسپ آهي. اها تاريخ محلاتن جي عروج جي ساراھه ۽ بادشاهن جي ثناخواني نٿي ڪري، هي تاريخ غريب عوام جي پيڙاءُ جي تاريخ آهي، هو فڪشن ۾ سنڌ جي اِتهاس جي اُپٽار ڪري ٿو، ۽ اهڙي ماضي ۾ غوطا زن ٿي وطن جي مٽي ۾ مروي جهڙي هُٻڪار محسوس ڪري ٿو. هو سنبارا جهڙي سراپا سيڪيولر سوچ کڻي تاريخ ۽ تمدن جي ورقن ۾ گم ٿي ڪهاڻيون تخليق ڪري ٿو. تخيل جي اها پرواز پاتارن ۽ پولارن ۾ ڀٽڪي روشن خيال تصورن سان زندگي جي ڪٿا جو منطقي تجزيو ڪري ٿي. آرڪيسٽرا جي ڪرائي ۾ ڪلا جهڙو هي  Spontaneous ڊائيلاگس جو اُڻت تجريدي آهي ته حقيقي به آهي. هڪ خوددار ۽ کرو آرٽسٽ ايئن ئي لکندو آهي. هن جي جيون جا پيچرا ريگزار هوندا آهن. سچائي جي موٽ ۾ بي قدري هن جو پيڇو ڪندي رهندي آهي. رڻ جهاڳندڙ اهڙين راهن ۾ ٿوهرن جا ڪنڊا وڇايل هوندا آهن، پوءِ به هو ڪارونجهر جي ڪور تي مور جي رڙ جو پڙاڏو هوندا آهن، هو ظالم، ڦورو، سفيد ڪالر رت پياڪ ۽ غنڊي جي ٻوٿ تي زوردار ٺونشو هوندا آهن. اڪثر “مها اديب”پوئتي هٽي ويندا آهن. ڪي علي بابا آڻ نه مڃيندا آهن. هو چوي ٿو:

 “…. تون عجيب ڇوڪري آهين، اُهي ناڪيلي ڏيندڙ گيت ڪنهن لاءِ ٿي لکين؟”

“ڇا گيتن سان سر سنگيت موٽي نٿو سگهي.”

“پرٿويءَ جي اتهاس ۾ ته ايئن ڪڏهن به ناهي ٿيو.”

“ان جو ڪارڻ”

ڪارڻ… شايد ان جو ڪارڻ فقط هڪڙو آهي، فائن آرٽ جي دنيا جا ماڻهو هيڻا ۽ گيدي ٿيندا آهن…..” ( ساروڻا سارو جيون)

هن سماج ۾ جيڪو ماڻهو سرمائيدار ۽ جاگيردار ڪلاس جو حصو آهي، اهو موج مستين ۾ آهي ۽ جيڪو بي واجبين تي سوچي لوچي ٿو ۽ ان خلاف جهيڙي ٿو، سو ڪاٺ ۾ آهي. ڌرتي تي ڏکين حالتن  ۾ علي بابا جهڙو جينيئس نارمل زندگي ڪيئن گذاري ؟ هن ٻهڳڻي ناولسٽ ۽ ڪهاڻيڪار جي ادبي ليگيسي  (Legacy)۾ باغي نسل جو تسلسل آهي. اهي باغي جيڪي بک جي سبب تي لکن ٿا، جيڪي ناانصافي تي احتجاج ڪن ٿا، جيڪي ظلم جي انتها تي ڀرپور آواز بلند ڪن ٿا:

“امان جون اکيون اونداهي آسمان ڏانهن کڄي ويون، ڄڻ هن جو نظرون ڪجهھ تلاش ڪري رهيون هجن ۽ هن انتهائي ڀريل آواز سان چيو،“ڏس پٽ! اڄ چنڊ ڪٿي نڪتو آهي؟ پاڻ غريب آهيون.پنهنجي ماني جو حساب چنڊ وانگي آهي. ڪڏهن چوٿون، ڪڏهن اڌ، ڪڏهن سڄي ته ڪڏهن آهي ئي ڪونه.” مون اونداهي آسمان ڏانهن نهاريو ۽ ماءُ جي ڪڇ ۾ اگهور ننڊ ۾ پئجي ويس.” ( چنڊ ۽ ماني)

علي بابا جي لکڻ ۾ بي ربط خيالن جو وهڪرو آهي. هن جي افسانوي لکڻي پنهنجي مزاج، موضوع، هيئت ۽ ٻولي جي اعتبار کان کين سندن همعصر لکارين کان الڳ بيهاري ٿي. هو لفظن جي پولارن ۾ خوبصورت منظرڪشي ڪري ٿو:

تار ڪڻ ڪڻ، ندي ڪنارو، پورنماس اڱڻ ۽ نشي ۾ ڍرڪيل رات. ڪارا ڪارا بادل. ڀنڀا ڀنڀا وار. وٽڙيل وٽڙيل روشني. اڍڙيل اڍڙيل ساھه. ڇمر جمهر ۾. چنڊ ٽٻيءَ ۾. ارھه جو تجلو، آڳ بدن ۾. ڇنن… ڇنن… ڇم… ڇم… پائل جي جهنڪار.

_ او سرتا! ڇا پيو ڦولهين؟

_ ساهن جي سرهاڻ. ( ڪهاڻي: جيون ڪوئي جهوٽو آهي!)

علي بابا جي لکڻين جو جوهر هن جي زندگي جي آخري ڏهاڪي ۾ جهڪو ٿي چڪو هو. هن لکڻ گهٽائي ڇڏيو. هو مفلسي سامهون دل شڪستو ٿيو هو؟، يا هن جي لکڻين جي موٽ ۾ سماج جي بي حسي عروج تي هئي ۽ هو اهڙي بي حسي سامهون ڪنهن باغي جوڳيسر جيان خاموش هو؟، يا هو پنهنجو اظهار ڪري چڪو هو؟، ڇا به هو، پر اها هن جي بيباڪي، جرئت ۽ سچائي هئي جنهن جي ڪري هو ڀيڙ کان ٻاهر بيٺل هو. هو حشو ڪيولراماڻي جي زبردستي جلاوطن ڪيل درديلي زندگي جو اولڙو ٿي پيو هو.

[email protected]