اسلام آباد (م ڊ) سياستدان ۽ اڳوڻي وفاقي وزير فيصل واوڊا دعويٰ ڪئي آهي ته خيبرپختونخوا جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور هاڻي گھڻا ڏينهن عهدي تي رهي نه سگھندو. خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي فيصل واوڊا چيو ته پهرين ئي خبر ڏئي چلو آهيان ته علي امين گنڊاپور گھڻي وقت تائين وزيراعليٰ نه رهندو.  منهنجي ڳالهين کي اڳڪٿي چئو، دعويٰ يا ٻيو ڪجه، يا وڃي جاچ ڪرائي وٺو.  هن چيو ته ڪي پي جو وزيراعليٰ فيض حميد جي چوڻ تي صوبو هلائي رهيو هو. حيران آهيان ته وزيراعليٰ ڪي پي عمران خان جي آزادي جي ڳالهه چئي. هن وڌيڪ چيو ته هاڻي پي ٽي آءِ باني لاءِ خطرو وڌي ويو آهي، ان جو ذميوار گنڊاپور هوندو. هن وڌيڪ چيو ته امين گنڊاپور جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن، سندس فيض حميد سان رابطن جا ثبوت ملي چڪا آهن.  علي امين گنڊاپور سيٽنگ سان آيو ته وڏي ٿرڊ ڪلاس سيٽنگ هئي. هن چيو ته اڄوڪي جلسي ۾ حڪومت جي ٻيهر ناڪامي نظر آئي.