علي امين گنڊاپور سان ڳالهين لاءِ رابطو ٿيو آهي: پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر جي دعويٰ، صوابي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد قيصر چيو ته اسان 24 نومبر جي احتجاج لاءِ حڪمت عملي تبديل ڪري ڇڏي آهي، پشاور، مردان، چارسده ۽ نوشهره جا ڪارڪن صوابي کان اسلام آباد ويندا، باقي ضلعن جا ڪارڪن مختلف روٽس کان اسلام آباد طرف مارچ ڪندا، اسد قيصر چيو ته سڀ کان اهم ڳالهه ته پي ٽي آءِ باني علي امين گنڊاپور کي ڳالهين جي اجازت ڏني آهي، هاڻي ڏسڻو آهي ته حڪومت ڪيتري سنجيدگي سان ان ايجنڊه کي اڳتي وڌائي ٿي، بشريٰ بي بي غيرسياسي آهي، حڪم ۽ هدايتون ملنديون رڳو پي ٽي آءِ باني وٽان ملنديون آهن، اسان کي ڀت سان لڳايو ويو ته احتجاج کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو نه آهي