شڪارپور (رپورٽر) پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير علي امين گنڊاپور کي شڪارپور جي سول عدالت ۾ سخت حفاظتي انتظامن ھيٺ پيش ڪيو ويو، سول جج شڪارپور سجاد علي عباسي جي عدالت ۾ علي امين گنڊاپور جي پيشي دوران شڪارپور پوليس مؤقف اختيار ڪيو ته علي امين گنڊا پور تي رياست مخالف بيان ڏيڻ ۽ ملڪ ۾ نفرتون ڦهلائڻ جو الزام آھي، جنھن ڪري کيس جاچ لاءِ رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو وڃي، ٻئي پاسي علي امين گنڊاپور جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته علي امين مٿان داخل ڪيل ايف آءِ آر ڪوڙي آھي، ايف آءِ آر ۾ جيڪي به قلم لڳل آھن، انھن تي جاچ جي ضرورت ئي ناھي، جنھن تي سول عدالت پوليس جي درخواست رد ڪندي جوابدار علي امين گنڊاپور کي جوڊيشل رمانڊ تي 26 اپريل تائين سکر سينٽرل جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، شڪارپور جي عدالت ۾ اڳوڻي وفاقي وزير علي امين گنڊاپور جي پيشي دوران پي ٽي آءِ جا سوين ڪارڪن عدالت پھچي ويا، جن علي امين گنڊاپور جي گرفتاري خلاف عدالت ٻاھران سخت نعري بازي ڪندي احتجاج ڪيو، ان موقعي عبدالغني جکرو، راشد لاشاري ۽ ٻين چيو علي امين گنڊاپور مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، سياسي انتقام وٺندڙ ھميشه ناڪام رھيا آھن، فتح انصاف جي ٿيندي، ھنن وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم سرڪار اليڪشن کان اڳ ۾ ئي ھارائي چڪي آھي، سياسي اڳواڻن جون گرفتاريون ۽ انھن مٿان تشدد ڪڏھن به حوصلا ڪمزور نه ٿو ڪري سگھي، ياد رھي ته علي امين گنڊاپور کي 2 ڏينھن اڳ لاھور جي عدالت جسماني رمانڊ لاءِ سنڌ پوليس حوالي ڪيو ھو، جنھن مٿان سوشل ميڊيا تي ملڪي ادارن خلاف نفرت انگيز تقريرون ڪرڻ جي الزام تحت شڪارپور جي ھڪ ڳوٺاڻي امان الله بروھي جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو ھو.