هڪڙي شهر جا آهيون، انڪري ڄاڻ سُڃاڻ ته هئي. بدين ننڍو شهر آهي، سياسي، سماجي ۽ ادبي پروگرامن ۾ سدائين دعا سلام ٿيندي رهندي هئي. آئون ڪنهن به شخص لاءِ اڳواٽ ڪا راءِ جوڙڻ کي غلط سمجهندو آهيان. انهيءَ ڪري علي احمد جوکئي جي شخصيت لاءِ به مون وٽ ساڻس ملڻ کان پهرين ڪا راءِ نه هئي. ٻه هزار ڏھ ۾ بدين ۾ ڪو پروگرام هو، جنهن ۾ مون شهيد فاضل راهو جي نيٽ ورڪنگ واري صلاحيت تي ڳالهايو. آئون جيئن ئي تقرير ڪري هيٺ لٿس ته ادا علي احمد اڳيان وڌي اچي مون ساڻ مليو. ائين ئي پوءِ عاشق انصاريءَ جي وسيلي اسان جي دوستي ڏينهون ڏينهن وڌندي ۽ پڪي پختي ٿيندي رهي.
علي احمد جي شخصيت سياسي جدوجهد جي داستانن سان ڀرپور آهي. هن ايم آر ڊي تحريڪ ۾ جيل به ڪٽيا، جلسا جلوس به ڪيا ۽ وک وک تي شهيد فاضل راهو سان ثابت قدم ٿي بيٺو رهيو. رڳو علي احمد نه پر سڀ جا سڀ جوکيا، شهيد فاضل راهو جي سحر ۾ اهڙو ته قابو آهن جو انهن لاءِ لطيف جون سٽون “جي ٻي ڌر واجھائين ته ڪڍي ڪانگن کي ڏيان” ئي ڪافي آهن. دنيا ڪجهه به چوي پر مون کي ذاتي طور تي خبر آهي ته، علي احمد جوکئي جو راهو خاندان سان رشتو صرف ڏيڻ جو آهي، انهيءَ ۾ موٽ وٺڻ ڪا معنيٰ نه ٿي رکي.
اسان گڏ سفر به ڪيا ۽ ڏُکَ سُکَ ونڊي،. سياست تي بحث ڪندي هن کان گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ ملي ويندو هو، مذهب تي اسان جا خيال هڪ ٻئي کان بلڪل مختلف رهيا ۽ لطيف مون کي هن سمجهايو. تلخ حالتن جي ڏکين فيصلن ۾ هِي شخص رڳو مت نه پر ڏڍ بڻجي گڏ بيهندو هو. ڳري شخصيت جي مالڪ هن ماڻهوءَ ڪڏهن به شڪايت نه ڪئي ۽ نه وري ننڍڙن ماڻهن جيان هو ڪنهن جي ذات تي پرپٺ تبصرا ڪندو هو. جيڪي کيس وڻندا هئا، انهن مٿان گهور گهور ويندو هو ۽ جن سان نه لڳندي هئس انهن جا دل ئي دل ۾ ڏها، چاليها ۽ ٻارها ڪري کين هميشه هميشه لاءِ دفن ڪري ڇڏيندو هو.
مون کي فخر آهي ته علي احمد جوکئي جهڙو شخص منهنجو دوست هو. منهنجو دوست سندس پٽ اياز جوکيو به آهي ۽ سندس پوٽو فاضل جوکيو به منهنجو دوست آهي. بلڪل ائين جيئن شهمير ادا علي احمد کي پنهنجو دوست سمجهندو آهي. دوست جي معنيٰ جي پردو آهي ته علي احمد جي شخصيت انهي ڪسوٽي تي سئو سيڪڙو پوري لهي ٿي.
علي احمد جوکئي جو هيٺ ڄاڻايل ڊيٿ نوٽ آهي. ايم آر ڊي تحريڪ ۾ بدين مان سڀ کان گرفتاري ڏيندڙ شخص جي فاضل راهو جي مزار سامهون خودڪشي هڪ وڏو سوال پيدا ڪري ٿي
تعلق
(علي احمد جوکئي جو آخري خط)
تعلق ٻه طرفا هوندا آهن، هڪ طرف محبت، عشق ۽ سچائي، ٻئي طرف صرف ضرورت……..عقل وارا ماڻهو تعلق ضرورت جي بنياد تي هلائيندا آهن. ضرورت ختم، تعلق ختم. چريا ماڻهو تعلق کي عشق جي بنياد تي هلائيندا آهن ۽ هُو تعلق کي رُوحاني بنياد بنائيندا آهن ۽ ساههَ جي آخري هچڪيءَ تائين تعلق کي قائم رکندا آهن ۽ فنا کان بقا جو سفر طئي ڪندا آهن.
چريا ماڻهو رُڃَ کي پاڻي سمجهي رِڻَ ۾ ڊوڙندا آهن ۽ ڊوڙي ڊوڙي مري ويندا آهن. رُڃَ رُڃَ هوندي آهي ۽ پاڻي هنن جو خيال هوندو آهي. چريا ماڻهو جبل مان کِير ڪڍڻ لاءِ جبل کوٽي کوٽي مري ويندا آهن. جبل مان کِير ڪونه نڪرندو آهي. چريا ماڻهو ڪچو گهڙو کڻي درياءَ ۾ ٽپي پوندا آهن ۽ لهرن ۾ لُڙهي ويندا آهن، مڇين جو کاڄ ٿي ويندا آهن. ڏاها ماڻهو ڪنڌيءَ جهليو ڪانهن درياءَ کي پِٽون پاراتا پيا ڏيندا آهن ۽ ميهار ملاحن کي اڀو آڇي رڇ سُهڻيءَ جي لاش کي لسيءَ جي گلاس تي ڳولها پيا ڪرائيندا آهن.
بازي گر عشق ڪي بازي هو، جو چاهو لگا لو ڊر ڪيسا
جو جيت گئي تو ڪيا ڪهنا، هاري ڀي تو بازي مات نهين
جيڪي ماڻهو تعلق کي عشق جي حد سمجهندا آهن، اُهي شاعر جي ان صدا کي اعلان سمجهي پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيندا آهن. تعلق جي تند ساهه جي تند کان لکين ڀيرا مضبوط هوندي آهي. تنهن ڪري تعلق جي تند قائم رکجي ۽ ساههَ جي تند ٽوڙي ڇڏجي. ماڻهوءَ جي سُڃاڻَ به امانت آهي. اها جنهن ماڻهوءَ جي ڪري ٿئي ٿي، اها انهي ماڻهوءَ جي طرفان امانت آهي. ان امانت ۾ خيانت ڪرڻ منافقي آهي. آئون هڪڙو مزدور هئس. منهنجو ويلڊنگ جو دُڪان بدين شهر ۾ هو. شهيد فاضل کي ته مُون پهريون ڀيرو 1966ع ۾ اُن وقت ڏٺو هو، جڏهن آئون ترائي ۾ ڇهين ڪلاس ۾ پڙهندو هئس. شهيد فاضل ترائي يونين ڪائونسل جو چيئرمين هو ۽ محمد موسيٰ منهنجو وڏو ڀاءُ يونين جو سيڪريٽري هو. شهيد جي شخصيت جو سحر ته انهيءَ ننڍڙيءَ ڄمار ۾ ئي ذهن تي طاري ٿي ويو، جيڪو اڳتي هلي سياسي سفر جو سبب بڻيو.
شهيد فاضل جڏهن به بدين ايندو هو ته منهنجي دُڪان تي ضرور ضرور ايندو هو. اهو سلسلو هن پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏينهن 17-1-87 تائين قائم رکيو. انهيءَ ڏينهن به دُڪان تي آيو. موسيٰ کان منهنجي پُڇا ڪيائين. اُن ڏينهن شهيد سان منهنجي ملاقات ڪونه ٿي سگهي، اهو ڏُک رهجي ويو.
هينئر جيڪي به ٻه چار ماڻهو مونکي سُڃاڻن ٿا، اها سُڃاڻ شهيد جي امانت آهي. اها امانت اڄ آئون سندس مزار تي واپس ڪرڻ آيو آهيان. آئون پنهنجا آخري پَساههَ هن مزار جي سائي ۾ پُورا ڪريان ٿو. آئون رُوحاني طرح هن مزار تي رهڻ چاهيان ٿو.
سنڌ سلامت-ساٿ سلامت
علي احمد جوکيو