لاهور (م ڊ) استحڪام پاڪستان پارٽي  جي صدر عبدالعيم خان لاهور جي صوبائي سيٽ پي پي 149 ڇڏي ڏني. آءِ پي پي اڳواڻ عليم خان اين اي 117 تان قومي اسيمبلي جو حصو هوندو، هن اليڪشن ڪميشن کي آگاهه ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته عليم خان لاهور مان قومي ۽ صوبائي سيٽن تي اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي.