ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اسٽار اڀيشيڪ بچن ۽ ايشوريا ۾ عليحدگيءَ جون خبرون ڊگهي عرصي کان بحث جو موضوع بڻيل آهن ۽ ڀارتي ميڊيا جون جوڙي سان گڏوگڏ بچن خاندان جي چرپر تي به نظرون کتل آهن. ان دوران مختلف ڀارتي ميڊيا رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اڀيشيڪ بچن هن دفعي آراڌيا بچن کي سندس 13 هين سالگرهه تي مبارڪباد ڏيڻ به وساري ويٺو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، آراڌيا بچن هلندڙ مهيني 16 نومبر تي پنهنجي 13 هين سالگرهه ملهائي پر ان موقعي تي ايشوريا ۽ اڀيشيڪ بچن ٻنهي طرفان ئي سوشل ميڊيا تي ڪائي پوسٽ شيئر نه ڪئي ويئي. واضح رهي ته اڄڪلهه جتي اڀيشيڪ ۽ ايشوريا جي عوامي هنڌن تي ڌار ڌار انٽري ٻنهي ۾ عليحدگي جي خبرن کي ڊيگهه ڏئي رهي آهي، اتي ايشوريا آراڌيا سان گڏ بچن خاندان بدران پنهنجي ماءُ جي گهر ۾ رهڻ لڳي آهي. ٻنهي خاندانن طرفان ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي تصديق يا ترديد نه ڪئي وئي آهي.