علم ۽ عمل جو سنگم، رسول بخش پليجو !

0
95
علم ۽ عمل جو سنگم، رسول بخش پليجو !

هن ڌرتي جي گولي تي مظلوم طبقن ۽ مظلوم قومن جي اڳواڻن جي لسٽ کولبي ته هن خطي جي حصي ۾ آيل جڳ مشهور ڏاهو، انقلابي اڳواڻ سائين رسول بخش پليجو سرفهرست نظر ايندو. سنڌ جي هن ڏاهي ۽ سپوت فرزند پنهنجي سڄي زندگي، نڌڻڪن ماڻهن، مسڪين طبقن، ڌڪاريل قبيلن ۽ اُلجهيل قومن لاءِ وقف ڪري ڇڏي.  اسان جي سنڌي قوم  توڙي هن جي پسگردائي ۾ رهندڙ ٻيون قومون تاريخي طور تي وڏيراشاهي، آپيشاهي، جاگيرداري، پيرپرستي، غلامي جهڙين بيمارين ۾ جڪڙيل رهيون آهن. هتي ماڻهن کي خوف، دٻدٻي، حراس ۽ طاقت  جي هٿيارن سان دٻائي رکيو ويو آهي! انهي سڄي صورتحال کي مدنظر رکي پليجي صاحب دنيا جي عالمي انقلابي نظرين مارڪسزم، ليننزم ۽ فڪرِ مائو جي مدد سان، هن خطي جي مفڪر لطيف کي ساڻ ڪري، هن خطي جي ماڻهن جي بنيادي خرابين جي علاج ڪرڻ لاءِ سماج جي هڪ طبيب وارو ڪردار ادا ڪيو ۽ انهن ماڻهن جي قومي ۽ طبقاتي بيمارين جي پاڙ پٽڻ لاءِ عالمي سائنسي نظرين جا نسخا کڻي آيو ۽ هڪڙي اهڙي  فڪري لائين ڏني جنهن جا بنياد نج سائنسي آهن ۽ پوءِ انهي لائين تي هن جڳ مشهور جينيئس علاج ڪرڻ شروع ڪيو. هڪ انقلابي جي لاءِ سمورا ضروري گُڻ پنهنجي محنت پاڻ هن پنهنجي شخصيت ۾ پرويا! ڇو ته باضابطه ۽ صحيح معنيٰ ۾ انقلابي واري وصف تي پورو لهندڙ انقلابي اڳواڻ هن خطي ۾ اڻلڀ هو. پليجو صاحب هڪ انقلابي ٿيڻ جي پراسيز مان گذريل پچي راس ٿيل ماڻهو هو. هن ماڻهو جي اڻٿڪ جدوجهد ۽ عالمي انساني تاريخ، ادب ، فلسفي ۽ سائنس جي ڳوڙهي مطالعي ۽ لڳاتار عمل جي ڪري هي بنهه وڏو ماڻهو ٿي ۽ هڪ پيشيورانه انقلابي جي حيثيت ۾ سڄي عمر جٽاءُ ڪري سگهيو، ساهه جي آخري گهڙي تائين وڙهندو رهيو. سنڌ جي هن جينيئس جو ڪالهه جنم ڏڻ هو، سندس پرستارن ۽ دنيا جي مظلومن کي سجايي جنم ڏينهن جون جام ساريون واڌايون ڏيان ٿو!

  هو وڏو مقرر هو، هن جي تقرير جي رواني ۾ دنيا جا علم، فلسفا ۽ نظريا پنهنجون راهون سنواريندا هئا. لفظن کي ترتيب ڏيڻ، لفظن جو مناسب استعمال ۽ انهن جي تقدس سان نڀاءُ ڪرڻ  ته ڪير هن کان ئي سِکي! ٻولي جي خوبصورتي ته هن جي شخصيت جو مکيه ٽول هُئي. هن جي تقرير مٿان ٻيو مقرر ڳالهائڻ کان لنوائيندو هو. جيڪڏهن ڊيڪورم مطابق ڪير ڳالهائيندو هو ته پوءِ تقرير کي بيهارڻ، لڳائڻ پنڊال ۾ پنهنجو اثر ويهارڻ هُن مٿان ڳالهائيندڙمقرر جي لاءِ بي پناهه مشڪل ٿي پوندو هو. هو ڳالهائيندو هو ته دشمنن کي ڦڦڙي وٺي ويندي هئي ته الائي ڇا چوندو! انهي جو مکيه ڪارڻ هي آهي ته سنڌي قوم جي قومي ۽ طبقاتي جدوجهد جي تاريخ ۾ جيڪي اهم موڙ آيا، فيصلا ورتا ويا، يا جيڪي تاريخي تحريڪون هليون انهي ۾ جيڪي وڏا ٽرينڊ سيٽ ٿيا، اهي سنڌ جي هن ڏاهي پُٽ جي کاتي ۾  آيا آهن!

پليجي صاحب جون لکڻيون سندس ئي بقول، هن جا هٿيار رهيون. هن جي قلم جي مَس عالمي توڙي ملڪي سياسي چرخي جي ڦيرن ۽ سياسي موسمن واري ڦيري ۾ اڪثر ٻين سياسي رهنمائُن ۽ اديبن وانگر ڄَمي يا سُڪي ڪونه!  هن جو قلم مظلوم قومن ۽ طبقن خلاف ٿيندڙ هر سازش کان سڀ کان پهرين آگاهه ڪندو رهيو! هو چوندو هو ته لکڻ سون آهي ۽ ڳالهائڻ چاندي آهي! هن جي لکڻين ۾ ٻولي اهڙي هوندي هئي جو عوام کي به سمجهه ۾ اچي ته عالمي پائي جي هڪ مفڪر جي لاءِ به متاثر ڪندڙ ۽ ڪارائتي هجي! هن جي لکڻي کي پڙهڻ سان سياسي ۽ سماجي طور تي مايوس ٿي ويٺل يا مئل ماڻهو ۾ ساهه پئجي ويندو آهي! ادب ڪيئن هجڻ کپي، تخليق ڪهڙي هجي جيڪا اسان جهڙن سماجن جي زخمن تي مرهم جو ڪم ڪري. ۽ فن ڪهڙو هجي ؟ فن جو فرسوده سماج مان جان ڇڏائڻ واري ويڙهه ۾ ڪهڙو ڪارج هئڻ کپي؟ انهي تي پليجي صاحب جون تاريخي لکڻيون آهن ۽ تقريرون آهن. هڪڙو ڪتاب “سندي ذات هنجن” سنڌي ادب ۾ تنقيد واري باب جي وڏي سڃاڻپ آهي!  برصغير ۾ ترقي پسند ليکڪن، اديبن، سيڪيولر ماڻهن کي پنهنجي مرضي سان لکڻ ئي نه ڏنو ويندو هو، جيڪو ڳالهائيندو هو ته منصوبي تحت ميدان ۾ لاٿل برگيڊ حملي آور ٿي ساهه سُڪائي ڇڏيندي هئي انهي ترقي پسند ادب ۽ تحريڪ جا مٿان ڍال بڻجي بيٺو هڪ ڪتاب، انڌا اونڌا ويڄ جنهن جي وڏي هاڪ آهي! هن ڪتاب جو نالو ٻڌڻ سان انتهاپسند اديبن جا تاڪ لڳيو وڃن. صبح ٿيندو سنڌي قوم ۽ هتي جي مظلوم طبقي جي نجات جي واٽ ڏسي ٿو. لطيف سائين هڪ انقلابي مفڪر ۽ شاعر ڪيئن آهي انهي ته جشن لطيف ڪري سڄي سنڌ ۾ لطيف  جي شاعري عام ڪرڻ وارو تاريخي ڪم استاد ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ اڄ جشن لطيف واري روايت سنڌ جي جديد ثقافت جو حصو ٿي وئي آهي!

پليجي صاحب جي سڀ کان وڏي تخليق عوامي تحريڪ آهي، جيڪا هن جي وفات کانپوءِ  به جڏهن سنڌ جا ٻيٽ وڪرو ٿين ٿا ته پنهنجي ڪارڪنن جو دادلو درياءُ ڪراچي جي شاهراهن تي ساڻ ڪري وطن جو وجود بچائي ٿي! ۽ جڏهن وفاق ڊيمن خلاف آواز اٿاريندڙ کي آرٽيڪل 6 جي ڌمڪي ڏئي ٿو تڏهن به پنهنجي قائد جي تاريخي روايت کي دهرائيندي، عوامي تحريڪ چوي ٿي ته، “ هم هي ڪو هي سليقه جرئت اظهار ڪا، جب صدا کا ڪهت پڙيگا تو هم هِي بولينگي!”

سنڌ ۾ پليجي صاحب کان پهرين ٻين سياسي مڪتبه فڪرن جا ڪلچر ايئن هئا جو انهي ۾ وڏيرا به، پنهنجي جيئن جو تيئن ڪارونهوار ۽ زندگي سمورين ڪارستانين ساڻ قابل قبول هئا. اڃان سڌي ڳالهه ڪجي ته انهن وٽ جاگيردار پڻ پارٽي ۾ قابل قبول هئا، بلڪه گهڻيون پارٽيون ته ٺهيل ئي نج وڏيرن جون هيون جيڪي اڄ به زنده آهن. انهي جو مکيه سبب هي هو ته انهن پارٽين جا سربراهه پاڻ وڏيرا هئا. هن سڄي خطي ۾ سياست ته ڪندا ئي وڏيرا هئا. مسڪين ماڻهو کي رڳو ووٽ به پنهنجي مرضي سان ڏيڻ جو حق ڪونه هو، اتي پليجي صاحب سڀ کان پهرين اها ڳالهه ڪئي ته هاري، مزدور ۽ مسڪين ڌڪاريل ماڻهو ئي اصل ۾ اڳواڻي جا حقدار آهن جن سان صدين کان ظلم ٿيندو اچي، ۽ پوءِ عوامي تحريڪ ۾  هزارين هاري آيا جن جي علم ۽ عمل کان وڏيرا ۽ جاگيردار ڏڪندا هئا. اڄ به هڪ ڳالهه مشهور آهي جو دشمن به هر فورم تي اها ڳالهه مڃي ٿو ته عوامي تحريڪ جو هڪ سِرڙيو هاري پڻ وڏو ڄاڻو هوندو آهي، انهي سان بحث ۾ ڪونه پُڄي سگهبو! ۽ ها عوامي تحريڪ ۾ جيڪي وڏيرا آيا سي به پنهنجو پاڻ کي ڊي ڪلاسيفاءِ ڪري، سُڌاري عوام دوست، مظلوم دوست ۽ وطن دوست ۽ شاندار ڪردار ٿي اڀريا!

هن بنهه وڏي تخليقڪار پنهنجي هر تخليق کي انقلاب سان ڳنڍي رکي. ٻارڙن جي الڳ تنظيم ٺاهي انهي جي تربيت سڄي انقلابي گيتن، بيتن، مارچن، تقريرن ۽ عملن سان ڪئي. هو ٻارن سان ٻار ٿي ويندو هو. هر عمر ۽ علمي سطح جي ماڻهو سان هن جي معيار مطابق هيٺ لهي ڳالهائيندو ۽ سمجهائيندو هو! هن شاگردن کي ايڏو تيار ڪيو جو وڃي راتين جون راتيون ڳوٺن ۾ هارين سان گڏ رهندا هئا ۽ اتي وڃي، سائنس، فلڪيات، ادب، تاريخ، فلسفي، عالمي انقلابن، جنگ ۽ مذهبن تي ليڪچر ڏيندا هئا! هن جي تنظيم جي شاگردن جي پنهنجي سماج ۾ پڻ ايڏي ساک آهي جو اڄ  به اسان کي سنڌ مان انيڪ ماڻهو ڀاڙا ڀري پنهنجو اولاد حوالي ڪري ويندا آهن ته پڙهائي ڏيو!  انهي جو مکيه ڪارڻ هي آهي ته پليجي صاحب جي تنظيم ۾ سخت ضابطو آهي. انهي ضابطي ۾ ڪنهن کي به رعايت ناهي. سنڌياڻي تحريڪ جهڙي عورتن جي هن ملڪ جي سڀ کان وڏي ۽ منظم تنظيم پڻ  انهي ضابطي جي ڪري اڄ به سرگرم آهي.عورتن کي هن سماج ۾ گهر کان ٻاهر نڪرڻ جي اجازت نه هئي، استاد انهي ڪري جدوجهدن جو صف اول دستو ئي سنڌ ۾ عورت کي قرار ڏنو، تڏهن اڄ هر تنظيم جي مجبوري ٿي وئي آهي ته عورت ونگ ٺاهي، ۽ عورتون هاڻي اڳواڻي پڻ ڪن ٿيون! مطلب ته هن ماڻهو جي شخصيت ايڏي ته هماگير شخصيت آهي جو انهي کي هڪ مضمون ۾ بيان ڪرڻ گهڻو مشڪل آهي. اهڙن بنهه وڏن ڪردارن سان انصاف تحقيقي ادارا ئي ڪري سگهن ٿا.