سجاول (رپورٽر) علم، اخلاق ۽ سادگيءَ جو پيڪر نامور تعليمدان غلام حسين سمون لاڏاڻو ڪري ويو. سجاول جي علمي شخصيت، علم، وقار ۽ اخلاص جي علامت، نامور تعليمدان استاد سائين غلام حسين سمون ڪجهه عرصي کان ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ بعد گذريل ڏينھن وفات ڪري ويو. سائين غلام حسين سمون هڪ اهڙو باوقار نالو هو، جنهن نه رڳو تعليمي ميدان ۾ نمايان خدمتون انجام ڏنيون، پر پنهنجي سادگي، شرافت، علم، اخلاقي اصولن ۽ خدمت جي جذبي سان پوري علائقي ۾ عزت ۽ احترام جو مقام حاصل ڪيو۔ مرحوم جي علمي زندگي ڪيترن ئي شاگردن لاءِ مشعلِ راه رهي، جن مان اڄ به بيشمار شاگرد مختلف شعبي ۾ نمايان حيثيت رکن ٿا۔ هو استادن جي ان ڪڙي مان هو، جيڪي علم کي صرف پيشو نه، پر عبادت سمجهي، نسلن جي تعمير لاءِ وقف رهيا۔ سائين غلام حسين سمون جي وڇوڙي کي علمي حلقن ۾ هڪ وڏو نقصان قرار ڏنو پيو وڃي. سندس نماز جنازه ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن، استادن، شاگردن، صحافين ۽ وڪيلن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ بعد ۾ سندس جسد خاڪي کي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ حوالي ڪيو ويو۔ سندس وفات تي سجاول ۾ سوڳ واري ڪيفيت ڇانيل آهي. ٻئي پاسي مرحوم جي پونئيرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آھي.