لنڊن (اسپورٽس نيوز): انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي) جي ڊسيپلين ڪميشن پاڪستان ڄائي عظيم رفيق جي نسلي تعصب ڪيس ۾ 6 اڳوڻن ڪرڪيٽرز تي ڏنڊ مڙهي ڇڏيو آهي، ميڊيا رپورٽس موجب اڳوڻي زمبابوين ڪرڪيٽر ۽ انگلش پليئر گيري بيلنس ڪيس ۾ حصو نه ورتو، جڏهن ته انگلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان مائيڪل وان کي ڪيس ۾ ڪليئر قرار ڏنو ويو، ڊسيپلين ڪميشن نسلي تعصب ثابت ٿيڻ تي 6 ڪرڪيٽرز کي سزا ٻڌائيندي چيو ته جيڪڏهن اهي راند يا ڪوچنگ جي ذريعي واپس اچڻ چاهين ٿا ته انهن کي پنهنجي خرچ تي نسل پرستي/امتيازي تعليم جو ڪورس ڪرڻو پوندو، يارڪشائر جي اڳوڻي ڪپتان ۽ هيڊ ڪوچ گيل کي سڀ کان وڌيڪ 6 هزار يورو يعني (18 لک 34 هزار رپيا) ڏنڊ سميت ڪوچنگ کان 4 هفتن جي معطلي جي سزا ٻڌائي وئي، گورننگ باڊي گيل جي گذريل رويي سبب سزا ۾ اضافو ڪيو، هنن سال 2014 ۾ ڪائونٽي چيمپئن شپ ميچ دوران ايشول پرنس لاءِ امتيازي تبصري ۽ 2010 ۾ يهودي مخالف ٽويٽ به شامل ڪيو،  اهڙيءَ ريت انگلينڊ جي اڳوڻي ڪرڪيٽر ميٿيو هوگارڊ ۽ ٽم بريسنن تي ٽي ٽي ميچن جي پابندي سميت 4 هزار يورو ڏنڊ مڙهيو ويو، ڪميشن جان بلين جي ڏنڊ کي گهٽ ڪندي 3 هزار يورو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته رچرڊ پيره کي ٻه هفتن جي معطلي ۽ 2 هزار 500 يورو ڏنڊ ڀرڻو پوندو، سمورن ڪرڪيٽرز وٽ فيصلن خلاف اپيل ڪرڻ لاءِ 9 جون تائين جو وقت آهي، نسلي تعصب جا الزام يارڪشائر جي اڳوڻي آل رائونڊر عظيم رفيق طرفان 2021 ۾ پارلياماني سليڪٽ ڪميٽي جي سامهون پنهنجي انڪشافن ۾ ثبوت فراهم ڪرڻ بعد لڳايا ويا هئا.