ويلنگٽن(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ ناقص پرفارمنس کانپوءِ ڪپتاني ڇڏيندڙ پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم جي حمايت ۾ نيوزيلينڊ جو نوجوان اپونر راچن رويندرا به ميدان تي اچي ويو. سماجي رابطي جي سائيٽ ٽوئٽر تي ٽوئٽ ڪندي لکيو آهي ته بابر اعظم توهان هڪ بهترين بيٽسمين آهيو، ڪپتاني ڇڏڻ کانپوءِ هاڻي توهان اضافي دٻاءُ بنا رانديگر طور بهترين پرفارمنس ڪري سگهو ٿا. اهو توهان جي ئي فائدي ۾ ٿيندو.