پيرولاشاري (ن پ ا) پيرولاشاري جي ڳوٺ ربو ملاح واسي مڇي کپائيندڙ پورهيت الهجڙيو ملاح پريس ڪلب پهچي صحافين آڏو احتجاج ڪندي چيو ته عطائي ڊاڪٽر کان گهرواري جو علاج ڪرايو هو، غلط انجيڪشن سبب گهر واري جي ٻانهن خراب ٿي وئي، هن چيو ته ڊاڪٽر وٽ علاج لاءِ ويس ته هن چيو ٻانهن ۾ ڪينسر آهي، مسڪين آهيان، مڇي کپائي ٻچن جو پيٽ گذر ڪندو آهيان، گهر واري جو علاج نٿو ڪرائي سگهان، هن ڊي سي بدين، هيلٿ ڪميشن ڪيئر سميت ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي عطائي ڊاڪٽر خلاف ڪارروائي ڪري گهر واري جو علاج ڪرائي انصاف ڪيو وڃي .