حيدرآباد(بيورو رپورٽ ) هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن 2025-26ع جون ساليانيون چونڊون، صدارتي عھدي تي ايڊووڪيٽ عشرت لوھار نائب صدر ايڊووڪيٽ نثار چنا ۽ جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اسرار چانگ ڪامياب ماڻي ورتي، ڪامياب اميدوارن پاران سنڌو تي ڌاڙو، ڪئنال سمورا نامنظور جي نعريبازي ۽ آتشبازي ڪئي وئي. چونڊ ۾ جوائنٽ سيڪريٽري تي ايڊووڪيٽ مير غلام علي ٽالپر، لائبريري سيڪريٽري تي ايڊووڪيٽ زين العابدين سھتو ڪاميابي ماڻي ورتي ۽ ٽيزرار تي ايڊووڪيٽ ذيشان ميمڻ ڪاميابي ماڻي ورتي آھي، صدارتي عھدي تي ڪاميابي ماڻيندڙ ايڊووڪيٽ عشرت لوھار ۽ جنرل سيڪريٽري تي ڪاميابي ماڻيندڙ ايڊووڪيٽ اسرار چانگ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پاڪستان سان گڏ آهيون، ڪنهن ۾ به ايترو دم ناهي جو ميري اک کڻي ڏسي پر اسان وڪيل ڪئنالن جي مسئلي تي ويٺا آهيون، اسان کي نوٽيفڪيشن ڏيو، اهو ڪو وڏو مسئلو ناهي، جيستائين ڪئنال رٿا جو نوٽيفڪيشن جاري ۽ زمينون واپس نه ٿيون ٿين، احتجاج جاري رهندو، ڪئنال ختم ٿين ۽ زمينون واپس نه ٿين ته سڄو بار اسان جي آبپاشي نظام تي پوندو، اسان جي ٻين واهن جو پاڻي کڻي ڪارپوريٽ فارمنگ جون زمينون آباد ڪيون وينديون، وڏو وزير وفاق جي فيصلن جو ڀلي دفاع ڪري پر پاڻ جيڪي زمينون ڏنيون اٿن، اُهي ته واپس وٺن ھنن چيو اسان پنھجي ڪاميابي سنڌو دريا جي ناء ڪريون ٿا جڏھن ته مئنيجنگ ڪميٽي جي 7 سيٽن تي 13 اميدوارن جو نتيجو نه اچي سگھيو آھي.