مورو (ن پ ا).مورو واقعي جي ڪيسن ۾ جوڊيشنل لاڪپ ڪيل جوابدار طالب سولنگي کي ٻيھر پوليس مورو فرسٽ سول جج ۽ جوڊيشنل مئجسٽريٽ مورو مدد علي کوسو جي عدالت ۾ پيش ڪيو. جتي ايڊيشنل سيشن جج نوشهروفيروز جي عدالت ۾ ڏنل درخواست تي ٻيھر بيان وٺڻ جي حڪم تي بيان ورتو ويو. گناه نمبر 170 ۽ 171 ۾ جوابدار طالب سولنگي کي ڏوه جو اعترافي بيان لکت ۾ آندو ويو. لکت ۾ جوابدار طالب سولنگي جي بيان ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته مون سان زاھد لغاري، عرفان لغاري ۽ وشال لغاري رابطو ڪيو جن ڳوٺ لغاري بجاراڻي ۾ اوڏن جي دوڪان تي گھرايو ۽ چيو ته 20.5.2025 تي احتجاج ڪيو ويندو ۽ اسان تقريبن 40 ماڻھون موٽرسائيڪلن تي نڪتاسون مورو باءِ پاس تي پھچي ڌرڻو ھنيو پوءِ پوليس اچي وئي جنھن اٿڻ لاءِ چيو اسان انڪار ڪيو پوءِ پوليس اسان جو جھيڙو ٿي پيو پوءِ عرفان ۽ زاھد وارثن پوليس کان ھٿيار کسيا ۽ فائرنگ شروع ڪري ڏني. ان دوران اسان جي ٻين ساٿين وٽ به ورن ۾ پستول ھئا ء انھن به فائرنگ شروع ڪري ڏني جنھن سبب عرفان ۽ زاھد کي گوليون لڳيون. ان دوران وشال کي بار بار واٽس اپ تي غلام مرتضي ۽ مسرور خان جتوئي جون ڪالون آيون پئي جن چيس ته وڃي لنجار ھائوس تي ڊاھ ڊوھ ڪري باھ ڏئي اچو جنھن تي مون انڪار ڪيو ان دوران موکي ٻانھن ۾ گولي لڳي ۽ رت وھڻ لڳي جنھن کي ڏسي مان بيھوش ٿي ويس ۽ ٻه ڪلاڪ کانپوءِ موکي ھوش آيو ته مان تعلقي اسپتال مورو ۾ زير علاج ھيس انھي دوران منھنجا ساٿي اتي پھچي ويا جن چيو ته گھٻرائڻ جي ضرورت نه آھي انھن مزيد چيو ته انھن لنجار ھائوس کي ڊاھ ڊوھ ڪري باھ ڏئي آيا آھن ۽ مورو ٿاڻي کي به ڊاھ ڊوھ ڪري آيا آھن جيڪو منھنجو ايترو چوڻ آھي. جنھن کانپوءِ عدالت جوابدار کي چيمبر ۾ گهرائي پڇا ڪئي ته ڪو دٻاءُ ۾ بيان ڏنو آھي ته جوابدار چيو ته مون کي ڪو دٻاءُ ناھي نه ڪنھن جو زور آھي نه ئي پوليس طرفان زبردستي بيان ڏياريو ويو آھي مان ھي بيان پنھنجي مرضيءَ موجب ڏئي رھيو آھيان، جنھن تي عدالت سڳوريءَ جوابدار کي ڊسٽرڪٽ نوشھروفيروز جي جوڊيشنل لاڪپ حوالي ڪري ڇڏيو. ياد رھي ته ٻه ڏينھن اڳ ان بيان تان جوابدار عدالت ۾ انڪاري ٿيو ھيو بعد رويو ۾ ٻيھر لکت توڙي رڪارڊنگ طور اقرار ڪيو. ٻئي پاسي مورو ويجھو ڳوٺ لغاري بجاراڻي جي رھواسي مسڪين لغاري جو ٻڌائڻ آھي ته ڳوٺ جي ايندڙ ويندڙ رستن تي پوليس ھجڻ سبب رھواسي گھرن تائين محدود ٿي ويا آھيون ڪيترائي معصوم ٻارڙا عورتون پيرسن پريشاني سان گڏ بيمار ٿي پيا آھن ان سان گڏ منھنجي نياڻي ڪامريڊ ڪومل جي طبيعت پڻ ناساز آھي ڳوٺ جي سوين مريضن وانگر ڪامريڊ جي به ڊاڪٽر تائين رسائي ممڪن ناھي جنھن سبب تمام گھڻا پريشان آھيون ھن چيو ته اسان ڳوٺ بجراڻي لغاري وارن لاءِ ھاڻي اٿي کڙا ٿيو خاموشي ھاڻي اسان کي خاموش ڪري ڇڏيندي ھن اھو پڻ چيو آھي ته ڳوٺ لغاري بجراڻي لاءِ جيڪو آواز بلند ڪري ان کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي اڄ احتجاج رکيل ھو نوابشاھ ۾ ان کان سنڌي انعام ساٿين سميت نوابشاھ مان کنڀجي ويو آھي ھاڻي اسان پوري سنڌ واسين وڪيل برادريءَ کان مدد جي گھر ڪريون ٿا.