اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته سينيٽر عرفان صديقي حڪومتي ڳالهين واري ڪاميٽي جو ترجمان آهي، عرفان صديقي لاءِ مناسب نه آهي ته هو ڳالهيون معطل ڪرائي، ملاقات امن امان جي صورتحال تي ٿي هئي، اهو معاملو اٿارڻ نه گهرجي، اسان ڳالهيون جاري رکڻ چاهيون ٿا، شرط اهو آهي ته جوڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي.