ڪنڌڪوٽ: ايس ايس پي عرفان سمون جي مقرري کان هيل تائين 6 مهينن دوران 250 کان وڌيڪ ماڻهو اغوا ٿيا، جن مان اڪثر بازياب ٿي چڪا آهن،  ايس ايس پي زبير نظير شيخ جي دور ۾ 10 ماڻهو اغوا ٿيل هئا، ايس ايس پي امجد شيخ جي مقرري دوران 5 ماڻهو اغوا ٿيا، ضلعي ۾ 20 سالن کان اغوا وارداتن جو سلسلو جاري آهي.