رڻ پٽ جيڪو اڄ اسان سعودي عرب ۾ ڏسون ٿا سو ڪنهن زماني سڄو سائو ھيو يعني ھر طرف پوک ۽ ٻوٽا ھيا جنهن جي نتيجي ۾ وڏا مينهن وسندا ھياـ گهڻي مينھن وسڻ جي ڪري تقريبن 9,000 سال اڳ وڏيون ڍنڍون ۽ نديون پڻ ٺھي ويون ھيون.

ھيء انٽرنيشنل ۽ انٽرڊسيپلينري ٽيم جي اهم دريافت آهي جنهن ۾ قديم پاڻي سان ڀريل نظاري Empty Quarter (خالي حصو) کي دستاويز تي آندو ويو آهي. رب الخالي ريگستان ۾ Late Quaternary يعني 50,000 سال اڳ چؤماسي جي برساتن جا نشان پڻ موجود آهن. ھي ريگستان دنيا جي سڀني وڏن ۽ خشڪ ريگستانن مان هڪ آهي.

تحقيق ڪندڙ ٽيم جي اڳواڻن ڊاڪٽر عبد الله ذڪي ۽ پروفيسر پروفيسر سيباسچين ڪاسٽيلٽوٽ, پروفيسر عبدالقادر عفي ۽ پروفيسر مائيڪل پيٽراگليا ريگستان ۾ قديم ڍنڍ ۽ ندين سان گڏ ھڪ وڏي مقدار واري پاڻيء سان ماٿري دريافت ڪئي آهي.

ڊاڪٽر عبدالله ذڪي ٻڌايو ته ھن ريگستان ۾ مختلف دؤرن جي ترتيب جي بنياد تي اهو ظاهر ٿو ٿئي ته ڍنڍ تقريبن 9,000 سال اڳ پنهنجي عروج تي هئي، جڏهن عرب جو ھي علائقو پاڻيء ۽ گاهه سان سرسبز هيو يعني 11,000 کان 5,500 سالن جي وچ واري عرصي ۾ ھڪ وسيع آباد علائو ھيوـ ھتي ھڪ وڏي ڍنڍ ھئي جنهن جي ويڪر 1,100 ميٽر ۽ گهرائي 42 ميٽر ھئي.

پروفيسر سيباسچين ڪاسٽيليٽوٽ وڌيڪ ٻڌايو ته گهڻي مينهن وسڻ جي ڪري آخرڪار ھڪ ڍنڍ ۾ گهارو پئجي ويو ۽ ڍنڍ جو پاڻي ھڪ وڏي ٻوڏ جو سبب بڻجي ويو ۽ پوء ھيء سڄي ماٿري جيڪا 150 ڪلوميٽر ڊگهي ھئي سا ريگستان بڻجي وئي.

سائنسدانن کي يقين آهي ته.چؤماسي جون برساتون آفريقا کان ايندڙ چؤماسي وارين ھوائن آنديون جن جا نشان دريافت ٿيل لٽ مان ظاهر ٿيا آهن جيڪي 1,100 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڳولي سگھجن ٿاـ رب الخالي ريگستان جو ھي علائقو عسير جي جبلن کان وٺي ڳاڙهي سمنڊ جي ڪناري تائين پکڙيل آهي، ھي علائقو آفريقا جي گهڻو ويجهو پڻ آهي. پروفيسر پيٽراگليا چيو ته تحقيق ڏيکاري ٿي ته برساتون ڪمزور نه ھيون پر البته ڪنهن وقت طاقتور ۽ شدت سان پونديون ھيون جنهن جي نتيجي ۾ تيزيء سان ۽ وڏي پيماني تي زمين جي سطح تي تڀديليون اچي ويون.

پروفيسر پيٽراگليا چيو ته ڍنڍ ۽ درياهي پيٽ جو زميني منظرنامي جي ٺھڻ سان گڏ گاهه واريون زمينون ۽ وڏن ميدانن جهڙين حالتن جي ٺهڻ سان ئي شڪار ڪندڙ, مالوند گروهه ۽ ڌنارن جون آڀاديون اتان گذري اڳتي ھلنديون ويون جنهن کي ھاڻي ريگستاني علائقو ٿو سڏجي. ھن ريگستان تمام گهڻي قديم آثارن جي ثبوت کي Empty Quarter ۽ ان جي قديم ڍنڍن ۽ دريائن جي نيٽ ورڪس کي پيدا ڪيوـ

“تقريبن 6,000 سال اڳ، Empty Quarter ۾ برسات گهٽجڻ شروع ٿي وئي جنهن سبب جي ڪري خشڪ ۽ ريگستاني حالتون پيدا ٿي پيون ۽ اتان جي رھندڙ آڀادين کي سازگار علائقن ڏانهن لڏڻ جي لاء مجبور ڪيو ۽ ھنن کي خانہ بدوش ماڻهن جي زندگيءَ اپنائڻي پئي.