بغداد(م ڊ) عراق ۾ آمريڪي سفارتخاني ايران جي حملي جو خطرو ظاهر ڪيو آهي. بغداد ۾ سفارتخاني جو چوڻ آهي ته عراق ۾ رهندڙ آمريڪين تي حملا ٿي سگهن ٿا سيڪورٽي الرٽ  ۾ چيو ويو آهي ته پرڏيهي دهشتگرد گروپ اسان جي شهرين تي حملا ڪري سگهن ٿا آمريڪا جا ڪاروبار ۽ بيون جايون نشانو بڻجي سگهن ٿيون. شهري انهن جاين تي وڃڻ کان پاسو ڪن ۽ پرڏيهين سان ملڻ کان پاسو ڪن. جڏهن ته وڏن ميڙاڪن ۾ به نه وڃن. جڏهن ته آمريڪا پنهنجي شهرين کي عراق وڃڻ کان به روڪي ڇڏيو آهي ۽ اهڙو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.