بغداد(م ڊ) عراقي پارليامينٽ ڪرد سياستدان عبداللطيف رشيد کي نئون صدر چونڊي ورتو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب خميس تي عراقي پارليامينٽ ملڪ جي نئين صدر جي چونڊ لاءِ ڳجهي نموني ووٽ وڌا. ان دوران 277 مان 160 کان وڌيڪ ميمبرن ڪردستان ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي نامزد ڪيل 78 ورهين جي عبداللطيف رشيد کي ووٽ ڏنو، جڏهن ته سندس مخالف اميدوار موجوده صدر برهم صالح هو، جنهن جي حق ۾ رڳو 99 ووٽ پيا. رپورٽن موجب رشيد هڪ برطانوي تعليم يافته انجنيئر آهي، جيڪو 2003 کان 2010 تائين عراقي جي آبي وسيلن جو وزير رهيو.