عدم استحڪام ۽ ٻه ويلن جي عوامي جنگ

0
111
عدم استحڪام ۽ ٻه ويلن جي عوامي جنگ

 اسان کي هٿ ٺوڪي تاريخ ۾ پڙهايو ويو آهي ته انگريزن کان پهرئين هندو مسلمانن جو مالي توڙي مذهبي استحصال ڪندا هئا ان کان بلڪل ابتڙ ته انگريزن جي حڪمراني کان پهرئين مسلمان ارغون،ترخان، مغل،مير و پير ننڍڙين ننڍڙين رياستن تي حڪمران هئا، تنهن باوجود اهو بار بار ذهين نشين ڪرايو ويندو آهي ته وياج جو ڪاروبار برصغير ۾ عام هو ۽ ان جو وڏي ۾ وڏو شڪار مسلمان هئا، آهستي آهستي ايسٽ انڊيا ڪمپني هندن سان ڀائيچاري جي بنياد تي هندو اشرافيه سان ملي ڪري برصغير تي پنهنجو سڪو ڄمائي ورتو، پهرئين مسلمانن جو معاشي، سماجي توڙي مذهبي استحصال ڪيو ويندو هو پر آهستي آهستي انگريزن عام هندن کي به نشانو بڻايو،بحرحال پوءِ مسلمان اشرافيه هجي يا هندو اشرافيه سندن اهل وعيال عيش  عشرت جي زندگي گذاريندا هئا، انهن جي لاءِ انگريزن جي اسڪولن کان وٺي ٻاهرئين ملڪن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ،وڻج واپار ڪرڻ توڙي سياست ۾ حصو وٺڻ جي عام اجازت هئي، جيڪڏهن پيڙهبو هو ته عام هندو ۽ مسلمان.خير برضعير ۾ ڪيئن سياسي سجاڳي آئي اهو هڪ وڏو قصو آهي پر نيٺ هندن ۽ مسلمانن کي ٻه قومي نظريي جي بنياد تي الڳ مذهب ۽ ذات پات جا ماڻهو تسليم ڪندي، ورهاڱو ڪري بظاهر پنهنجو اقتدار ڇڏي انگريز  هليا ويا.

برصغير جا ماڻهو مصر جي ماڻهن کان به وڌيڪ شايد ماضي پرست آهن،اسين ماضي ۾ جيئڻ ۽ ماضي جي ڪارنامن توڙي ماضي کي ياد ڪري،پنهجي حالت زار کي سڌارڻ جي بدران ڪوشش ڪندا آهيون ته ماضي جا مثال ڏيئي هڪ ٻئي ۾ احساس برتري پيدا ڪريون ته اسين دنيا جا مهذب ترين توڙي ترقي يافته تهذيبن جا وارث آهيون،ان ڪري ماضي جي غلامي توڙي استحصالي ان ڪري به ياد ناهيون ڪندا جو اسان وٽ شايد ماضي جي مبالغي ٿيل قصن ڪهاڻين کانسواءِ ٻيو ڪجهه ڪرڻ جي صلاحيت ئي ناهي يا پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ نه ٿا گهرون. هن وقت ملڪ ۾ اهل هجڻ ۽ نااهل هجڻ جي جنگ عروج تي آهي، عوام جو هڪ ئي جواب نسل در نسل حڪمران اشرافيه وٽ موجود آهي ته عوام ۽ ملڪ جو جيڪو ٻيڙو غرق ٿي رهيو هو انهي ۾ پويون حڪومتون ئي قصوروار آهن، اچو ته مٿاڇرو ڏسون ته ملڪ جي مختصر تاريخ ۾ اهو سلسلو ڪڏهن کان شروع ٿيو ۽ ڪٿي دنگ ڪندو.

24 آڪٽوبر 1954ع ۾ ملڪ غلامحمد، محمد علي بوگرا جي قانونساز اسيمبلي ٽوڙي ملڪ ۾ ايمرجنسي نافذ ڪري ڇڏي پاڻ کي  ۽ محمد علي بوگرا کي ملڪ جي وزيراعظم طور ڪم جاري رکڻ جو چيو ويو، اڳتي هلي وري محمد علي بوگرا کي پنهنجي ڪابينه جوڙڻ جي آڇ پڻ ڪئي ويئي،ڪجهه ئي عرصي کان پوءِ ملڪ غلام محمد کي عليل ٻڌائي کانئس استعفيٰ ورتي ويئي ۽ اسڪندر مرزا محمد علي بوگرا کي هٽائي،چوڌري محمد علي کي ملڪ جو وزيراعظم مقرر ڪري پاڻ  ملڪ جو گورنر جنرل بڻيو، 23 مارچ 1956ع ۾ چوڌري محمد علي ملڪ ۾ پهريون آئين لاڳو ڪيو جنهن کي 7 آڪٽوبر 1958ع ۾ اسڪندر مرزا ۽ ايوب خان مارشل لا جو اعلان ڪري، معطل ڪري ڇڏيو.1958ع جي مارشل لا جي دور جي دوران پهرئين حڪومت عالمي مالياتي اداري کان قرض جي جهولي ڦهلائي، 1954ع کان 1965ع تائين 11 سالن جي قليل عرصي ۾ اقتداري تجربا ملڪ کي نيٺ انهي نهج تي کڻي آيا ته  3روپين ۾ ملندڙ  ڊالر پاڪستاني 7 روپين جو ٿي ويو ،يعني 7 سالن ۾ ڊالر جو اگهه 120 سيڪڙو وڌي چڪو هو ان وقت جي حڪمرانن پڻ عوام کي ٻڌايو ته جنگ جي سببن ۽ پوين حڪمرانن جي نااهلي سبب پاڪستاني روپئي جو قدر ڪريو آهي ،تنهن باوجود اڳين 6 سالن ۾  ملڪ جو قرض واپس ادا ڪيو ويو ،پر ايندڙ حڪمران  بنگال جي ڌار ٿيڻ جي ڪري هڪ دفعو ٻيهر  آئي ايم ايف جي اڳيان هٿ ٽنگيو، ان وقت  ملڪ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جو اقتدار هو،

ذوالفقار علي ڀٽي جنهن پنهنجي جاءِ عوام جي دلين ۾ ٺاهي ۽ ايشيا ۾ مسلم ملڪن جو بلاڪ ٺاهڻ جو اعزاز به سندس ڏانهن وڃي ٿو پر هو به قرض طور کنيل  3.42 ارب ڊالرن جو قرض واپس  ادا نه ڪري سگهيو. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال مان ضياءَالحق فائدو کڻندي  2 ارب ڊالر آئي ايم ايف کي موٽائي ڏنا، 1988ع ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو مالياتي ادارن کان 2 قرض کنيا جن جي واپسي ٻن ٻن سالن جي وقفي سان ڪرڻي هئي،پر ان کان پهرئين جو قرض واپس ڪرڻ جو وقت اچي، محترمھ جي اقتدار کي ختم ڪري 1990ع ۾ نوازشريف کي اقتدار ڏنو ويو ، نوازشريف پوئين حڪومت جو قرض لاهڻ جي بدران ان دور جي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو قرض کنيو جنهن جو حوالو اڳوڻو خزاني وارو وزير شوڪت ترين پڻ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ڪري چڪو آهي. نواز شريف جو اقتدار پنهنجي آئيني مدت پوري نه ڪري سگهيو ۽ جٽادار معاشي پاليسي جوڙڻ ۾ هڪ ٻي حڪومت ناڪام رهي، ياد رهي ته نواز شريف سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ ٻيهر وزارت عظميٰ جي ڪرسي سنڀالي پر واڳ ڌڻين کي ڳالهه پسند نه آئي ۽ ٻن مهينن جي اندر نواز شريف کي هٽائي  نيون چونڊون ڪرايون ويون، ان وقت ملڪ تي ڪيتريون ئي اقتصادي ۽ واپاري پابنديون لڳي چڪيون هيون،

محترمه بينظير ڀٽو 19 آڪٽوبر 1993ع ۾ ٻيهر اقتدار سنڀاليو ته ڪجهه مهينن کان پوءِ محترمه آئي ايم ايف کان ٻيهر قرض کنيو، هن دفعي مالياتي اداري جو وياج توڙي شرطون سخت هيون، هن دفعي به ملڪي قرض واپس ادا نه ٿي سگهيو، صدر غلام فاروق لغاري،مير مرتضيٰ ڀٽي جي شهادت جي آڙ ۾ محترمه کي اقتدار کان هٽائي ڇڏيو، ايئن هڪ دفعو اقتدار جي نوراڪشتي ۾ نواز شريف جو پلڙو ٻيهر ڳرو ثابت ٿيو ۽ نوازشريف اقتدار ۾ اچڻ شرط ئي “قرض لاهيو ملڪ سنواريو” توڙي عالمي مالياتي ادارن جنهن ۾ ورلڊ بينڪ،ايشيائي ترقياتي بينڪ توڙي آئي ايم ايف کان قرض کنيو، هندستان ائٽمي ڌماڪا ڪياته پاڪستان کي به پنهنجو دفاع ڪرڻ لاءِ ايٽمي ڌماڪا ڪرڻا پيا، ملڪ پهرئين ئي قرضن ۾ گهيرجي چڪو هو مٿان وري واپاري ۽ اقتصادي پابندين ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو.پرويزمشرف جڏهن ٽيڪ اوور ڪيو ته ان وقت ملڪ معاشي لحاظ کان بليڪ لسٽيڊ هو، هن به اڌ صدي وارو روايتي راڳ ڳايو ته پوين حڪمرانن ملڪ تباهه ڪري ڇڏيو جيڪڏهن آئون اقتدار نه سنڀاليان ها ته شايد ملڪ جي سلامتي کي وڏو خطرو هو، ايئن عمران خان کان شهباز شريف تائين تاريخ پنهنجو پاڻ کي دهرائيندي رهي آهي.

موجوده حڪمران جهڙي ريت اقتدار کي بچائڻ جي لاءِ معيشت ۽ سياست کي الڳ ڪرڻ جي ڳالهه ڪري، شهباز اسپيڊ سان ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان آندو آهي انهي جو ڪارڻ هو آئي ايم ايف سان ٿيل معاهدي کي ٿا ٻڌائين،عوام کي ٿورو عرصو ئي پهرئين ٻڌايو ويو ته آئي ايم ايف سان ٿيل معاهدو موجوده حڪمرانن کي منظور ناهي ۽ جهڙي ريت اسٽيٽ بينڪ کي آئي ايم ايف جو ماتحت ڪيو ويو آهي اهو ملڪي خودمختياري کي آئي ايم ايف جي حوالي ڪرڻ جوڳو آهي، هاڻ جيڪڏهن اقتدار کان ٻاهر اوهان انهي معاهدي جي سخت مخالفت ڪري رهيا هئا ته اقتدار ۾ اچڻ وقت انهن حڪمرانن کي ڪهڙو نانگ سنگهي ويو آهي جو اهي عوام کي رليف ڏيڻ کان ته قاصر ئي آهن پر انهن کي اڳي جهڙو به ناهي رهڻ ڏنو ، اسين کڻي مڃي ٿا وٺون ته تيل جي قيمتن ۾ واڌ کان وٺي بجلي گئس جي قيمتن کي بين الاقوامي قيمتن جي برابر آڻڻ ۾ يقينن ملڪ جو ڀلو آهي پر ڇا جيڪا قرباني عوام کان ٻيهر گهري پئي وڃي ان کانپوءِ حالتون بهتر ٿي وينديون؟ هرگز نه اقتدار سنڀالڻ وقت وزيراعظم شهباز شريف چيو هو ته اسين ڊالر کي 160 کان 170 تي آڻينداسين ۽ روپئي جي قدر کي بحال ڪرائينداسين، اڳُوڻي خزاني واري وزير استحاق ڊار پڻ چيو هو ته ملڪي معشيت جي 8 سيڪڙو کي هٿي وٺرائڻ جي لاءِ ملڪي آمدني جي 92 سيڪڙو آمدني کي قربان نه ٿو ڪري سگهجي ۽ ايڪسپورٽ تي ڀاڙڻ کان بهتر هوندو ته اسين ٻين سيڪٽرن کي سگهارو ڪري ڊالر جي قيمت کي هيٺ کڻي اچون.

سڄي صورتحال ۾ جيڪڏهن ڪنهن به ڀوڳيوآهي ته اها عام عوام آهي جيڪا عوام لوڻ جي ٿيلهي کان وٺي ماچيس جي ڊٻي تي به ٽئڪس ڀريندي رهي ٿي تنهن باوجود انهي تي باربار الزام هنيو ٿو وڃي ته عوام ٽئڪس نه ٿي ڀري،حڪومتن ٺاهڻ،ڊاهڻ ۽ هلائڻ وارا پنهنجي لاءِ ته ايمنسٽي اسڪيمون آڻي بليڪ مني کي وائيٽ ڪري،ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ پنهنجون ملڪيتون ٺاهي پنهنجا نسل اتي پالي رهيا آهن.پر هتي ته مسڪين عوام جي ٻه ويلا ماني، زندگي ۽ موت جي جنگ بڻجي چڪي آهي.