اسلام آباد: (م ڊ) منصوبه بندي واري کاتي جي وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته حڪومتي قدمن سان معاشي صورتحال ۾ ڪافي بهتري اچي چڪي آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال چيو ته پي ڊي ايم حڪومت مشڪل فيصلا ڪري ملڪ کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچايو، مهانگائي جي شرح 38 سيڪڙو کان ساڍا 9 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح سنگل ڊيجٽ تي اچڻ سبب اسٽيٽ بينڪ پاليسي ريٽ ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان ڪيو. هن چيو ته پاليسي ريٽ گهٽ ٿيڻ سان ڪاروباري سرگرمين ۾ تيزي ايندي، ملڪ ۾ ٻاهرين سرمائيڪاري اچي رهي آهي جيڪا حڪومتي اصلاحات جو نتيجو آهي. هن چيو ته عالمي سطح تي جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته گذريل حڪومت چين کي مجبور ڪري ڇڏيو هو ته هو سي پيڪ تان هٿ کڻي وٺي. هن حڪومت جي قدمن سبب چين سي پيڪ فيز ٽو لاءِ تيار آهي ۽ پاڪستان سان 5 نوان ڪوريڊوز شروع ڪرڻ لاءِ پنهنجي حمايت جو يقين ڏياري چڪو آهي. احسن اقبال وڌيڪ چيو ته عدليه ۽ انتظاميه جو مضبوط هجڻ ضروري آهي. پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ ان جي ماڻهن کي اڻ ڏٺل ڪيسن ۾ به ضمانت ملي ويندي آهي، اسان جون پيشيون ته مهينن جا مهينا اڳيان هليون وينديون هيون. حمزه شهباز جي حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ آئين ۾ ترميم ڪئي وئي.