اسلام آباد: بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيوآهي ته لڳي ٿو ته آئيني ترميمن جي پيڪيج ۾ هڪ ٻي شق شامل ڪرڻي پوندي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته عدليه کي نظريه ضرورت تحت پوليٽيڪل پارٽيز ايڪٽ تحت اليڪشن ڪميشن ۾ پنهنجي رجسٽريشن ڪرائڻ گهرجي، ڇا خيال آهي؟

اسلام آباد : خواجه آصف پاران پهريان نمبر  پورا هجڻ جي دعويٰ پوءِ ڦري ويو، پهريان چيو ته مولانا فضل الرحمان جا خدشا ختم ڪري ڇڏيا آهن بعد ۾ وري چيو ته فضل الرحمان اسان کي سپورٽ نه ڪيو. بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته جي يو آءِ ف سربراهه جا خدشا ختم ڪري ڇڏيا آهن، آئيني ترميم لاءِ نمبر گيم پوري آهي، اتحادين ۽ مولانا کانسواءِ به ڪجهه ووٽ ملندا، واڌو ووٽ آئيني ۽ قانوني طريقي سان ملندا، اُميد ته آئيني پيڪيج اڄ منظور ٿي ويندو. پارلياماني ڪاميٽي جي اجلاس کانپوءِ خواجه آصف صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته لڳي ٿو ته نمبر پورا ناهن ان ڪري اجلاس ملتوي ٿيو، هن چيو ته مولانا فضل الرحمان سان ڪهڙي ڳالهه ٿي ان جو علم ناهي، آئون اسيمبلي ۾ هيس، ترميم پيش ٿيندي يا نه اهو سڀاڻي(اڄ) ئي معلوم ٿيندو، مولانا فضل الرحمان اسان کي سپورٽ نه ڪيو.