راولپنڊي(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصااف جي باني عمران خان آئيني ترميم جي حوالي سان عدليه جي حق ۾ احتجاج جو اعلان ڪندي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون. اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته سڀاڻي 2 آڪٽوبر تي ميانوالي، فيصل آباد ۽ بهاولپور ۾ احتجاج ٿيندو. جڏهن ته 4 آڪٽوبر جمعي ڏهاڙي تي ڊي چوڪ ۽ 5 آڪٽوبر تي لاهور م مينار پاڪستان وٽ جلسو ٿيندو، احتجاج جي قيادت وڏو وزير گنڊاپور ڪندو، هو انقلاب جي درست ڳالهه ڪندي منهنجو موقف عوام تائين پهچائي رهيو آهي. اسلام آباد طرف مارچ ڪري عوام کي جاڳائي ڇڏيو، باني پي ٽي آءِ وڌيڪ چيو ته اسان هر صورت ۾ آخري بال تائين مقابلو ڪندي عدليه جو دفاع ڪنداسين ۽ پنهنجي آزادي جي جدوجهد جاري رکنداسين. اسان هميشه پرامن احتجاج ڪيو، اسان جون عورتون جيلن ۾ پيون آهن 80 سالن جي ٻڍڙي تي پرچو ڪٽيو ويو، ڪنهن کي به تڪليف نه ٿي، منهنجي زال کي ڪيترن ئي مهينن کان جيل ۾ رکيو ويو، عمران وڌيڪ چيو ته هو مون کي جيل ۾ ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا پر آئون ڄميو بيٺو آهيان قوم کي چوان ٿو ته هو جيل کان نه ڊڄي.