عدليه جي آزادي خطري ۾ آهي : بار ۽ بينچ ۾ ويڇا آهن، هاءِ ڪورٽن ۾ مشاورت سان بينچون جڙڻ کپن: مقبول باقر

0
124
عدليه جي آزادي خطري ۾ آهي : بار ۽ بينچ ۾ ويڇا آهن، هاءِ ڪورٽن ۾ مشاورت سان بينچون جڙڻ کپن: مقبول باقر
عدليه جي آزادي خطري ۾ آهي : بار ۽ بينچ ۾ ويڇا آهن، هاءِ ڪورٽن ۾ مشاورت سان بينچون جڙڻ کپن: مقبول باقر

ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته بدقسمتي سان گذريل ڪجهه سالن ۾ بار ۽ بينچ جا لاڳاپا سرد ٿي ويا آهن،  اسان عوام جي اميدن تي پورو نه لهي سگهياسين، ڪالهه ڪراچي بار جي سالياني آجياڻي کي خطاب ڪندي هن چيو ته بار ۽ بينچ انصاف ۽ جمهوريت جي حاصلات لاءِ  اهم اسٽيڪ هولڊرز جو ڪردار ادا ڪندا آهن، ٻنهي وچ ۾ هم آهنگي جي کوٽ سموري عدالتي نظام کي متاثر ڪري ٿي

انهي ڪري اسان کي پنهنجا لاڳاپا بهتر ڪرڻ گهرجن، سمورن مسئلن کي گڏجي منهن ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ڪراچي بار سان سندس وابستگي 4 ڏهاڪن تي ٻڌل آهي، آئون اٽڪل 40 سال اڳ  ڪراچي بار جو ميمبر ٿيس،اهو لاڳاپو جج ٿيڻ کانپوءِ به قائم رهيو. هن چيو ته 2007 جي ايمرجنسي دوران وڪيلن ۽ ڪراچي بار اهم ڪردار ادا ڪيو. جمهوريت ۽ عدليه جي بحاليءَ لاءِ ڪيل جدوجهد جو ثمر 2009ع ۾ مليو جڏهن جج بحال ٿيا، هن چيو ته اڄ به عدليه جي آزادي خطري ۾ آهي گذريل ڪجهه سالن دوران  اهم ڪيسن ۾ بينچ ٺاهڻ جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ پولورائيزيشن ( ورڇ ) جو سبب بڻيو آهي

سپريم ڪورٽ جي اختيارن  خاص ڪري اسان جي اڳوڻن چيف جسٽسن جي بينچن جي جوڙجڪ ۾ سڌارو نه آڻڻ  سبب پارليامينٽ کي اهو ڪم ڪرڻو پيو. هن چيو ته آئون سمجهان ٿو ته نه رڳو سپريم ڪورٽ پر سمورين هاءِ ڪورٽن کي به بااختيار بڻائڻ گهرجي، اتي به سينيئر ججن جي مشاورت سان بينچون جڙڻ گهرجن، انهي سان نه رڳو فيصلي سازي جو معيار بهتر ٿيندو پر پولورائيزيشن به گهٽ ٿيندو، عوام جو عدليه تي اعتماد بحال ٿيندو

جسٽس (ر) مقبول باقر سمورن وڪيلن خاص طور تي نوجوانن تي زور ڀريو ته اهي قانون جي جرنلز ۽ تازن فيصلن کي پڙهي پنهنجن صلاحيتن ۽ ڄاڻ ۾ واڌارو ڪن. هن رابرٽ فراسٽ جو هڪ شعر پڙهيو، جھنگ خوبصورت گھاٽا ۽ گھرا آھن پر آئون سمھڻ کان پھرين ڊگھي سفر جو واعدو ڪريان ٿو، تقريب ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس عقيل احمد عباسي، ڪراچي بار جي صدر عامر سليم، ممتاز مهدي ، وقار عالم، صبيح محمود ۽ ٻين شرڪت ڪئي