اسلام آباد (م ڊ) سينيئر صحافي ڪامرن خان انڪشاف ڪيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان اڳوڻي آرمي چيف باجوه ۽ پي ڊي ايم جي مبينه ڊيل وائکي ٿي وئي، سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي ٽوئيٽ ڪندي هن چيو ته ان مبينه ڊيل جو سنگ بنياد پي ڊي ايم کي فري هينڊ ڏيڻ هو، جنهن ۾ پي ڊي ايم جي اعليٰ قيادت خلاف بدعنواني جي ڪيترن ئي ڪيسن کي اڌوري قومي اسيمبلي جي ذريعي واپس ورتو ويو. اڄوڪي سپريم ڪورٽ جي فيصلي ان معاهدي کي پنڪچر ڪري ڇڏيو ، هن وڌيڪ چيو آهي ته پاڪستاني سياست ۾ زبردست هنگامه آرائي ٿيندي جنهن سبب چونڊون هاڻي اڻڄاتل مدي لاءِ ملتوي ٿي سگهن ٿيون