عدليه آئين جي تشريح ڪري سگهي ٿي ان کي ٻيهر لکي نٿي سگهي: وزيراعظم

0
130
عدليه آئين جي تشريح ڪري سگهي ٿي ان کي ٻيهر لکي نٿي سگهي: وزيراعظم
عدليه آئين جي تشريح ڪري سگهي ٿي ان کي ٻيهر لکي نٿي سگهي: وزيراعظم

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آئين کي رڳو پاليمان ٻيهر لکي سگهي ٻئي ڪنهن کي به آئين ٻيهر لکڻ جي اجازت ناهي

وزير اعظم شهباز شريف  آئين کي ڊجيٽل ڪرڻ بابت ايپ جو افتتاح ڪيو ان موقعي تي خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته عدليه آئين جي تشريح ته ڪري سگهي ٿي پر انکي ٻيهر لکي نٿي سگهي

وزير اعظم چيو آهي ته دنيا ۾ ڪٿي به مثال نٿو ملي ته پارليامينٽ ۾ غور هيٺ قانون سازي تي اسٽي جاري ڪيو وڃي، ملڪ جون حالتون بهتر ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوشش ڪري رهيا آهيون، رياست کي بچائڻ لاءِ پنهنجو سياسي اثاثا به قربان ڪرڻ کان پوئتي نه هٽنداسين

 شهباز شريف چيو ته  پاڪستان جي آئين کي ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، نوجوان نسل آئين پاڪستان جي ايپ ذريعي وڏو فائدو حاصل ڪري سگهندا

هي به پڙهندا

سپريم ڪورٽ جو 14 مئي وارو فيصلو واپس نه ٿيندو: سياسي اڳواڻ عيد بعد نه اڄ ئي ڳالهيون ڪري ٻڌائين:چيف جسٽس