اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) ۾ شامل پارٽين سپريم ڪورٽ جي رويي خلاف سپريم ڪورٽ سامهون سومر تي ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان اعلان ڪيو آهي ته سڄي ملڪ مان شهري سومر ڏينهن سپريم ڪورٽ سامهون احتجاج ڪرڻ لاءِ نڪري اچن، تفصيل موجب پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف، ن ليگ جي  سينيئر نائب صدر مريم نواز شريف شرڪت ڪئي، جڏهن ته اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال، بي اين پي مينگل جي سربراهه اختر مينگل، قومي وطن پارٽي جي سربراهه آفتاب شير پائو، نيشنل پارٽي جي طاهر بزنجو، جي يو پي جي شاهه اويس نوراني ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جي عدليه ملزم کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ بجاءِ ان کي تحفظ ڏئي رهي آهي، عمران خان کي 60 ارب  رپين جي غبن جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو، سپريم ڪورٽ ان غبن ۽ غبن ڪرڻ واري جي حوصلا افزائي ڪندي ان کي تحفظ ڏنو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به جيڪي فيصلا ڏنا ته 9 مئي کان پوءِ داخل ڪيسن مان عمران خان خلاف ڪنهن ڪيس ۾ ڪارروائي نه ڪئي وڃي، ڪنهن به ڪيس ۾  کيس گرفتار به نه ڪيو وڃي، اگر ڪنهن ڪيس جو کيس علم ناهي ان ۾ به گرفتار نه ڪيو وڃي، سوچيو وڃي ته اسان جي عدليه ڪٿي بيٺل آهي؟ آئين ۽ قانون کان مٿانهان فيصلا ڏئي رهي آهي، ڇا اها رعايت 3 ڀيرا وزيراعظم رهندڙ نواز شريف کي ڏني وئي، سندس گهرواري سخت بيمار هئي ان کي ان سان فون تي ڳالهائڻ جو به موقعو نه ڏنو ويو، ڇا اهڙي رعايت مريم نواز، فريال ٽالپر کي ڏني وئي، جنهن نموني هن کي وي آءِ پي پروٽوڪول ڏنو پيو وڃي ملڪ ۾ غنڊا گردي ۽ دهشتگردي ٿي رهي آهي، عدليه ان کي تحفظ ڏئي رهي آهي، ڪور ڪمانڊر جي گهر تي حملا ٿي رهيا آهن، قرباني ڏيندڙن جي يادگارن کي ڊاٿو پيو وڃي، هن چيو ته پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ اڄ اسان فيصلو ڪيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي ان رويي خلاف هاڻي احتجاج ڪيو ويندو، مان پي ڊي ايم جي قيادت جي نمائندگي ڪندي پوري قوم کي اپيل ڪيان ٿو ته سومر ڏينهن تي قوم سڄي ملڪ مان اسلام آباد طرف روانو ٿي وڃي، سپريم ڪورٽ سامهون گڏ ٿي ڌرڻو هنيو ويندو، زبردست احتجاج ڪيو ويندو ۽ هنن کي ٻڌايو ويندو ته سپريم ڪورٽ مدر ان لا ناهي، مدر آف لا پارليامينٽ آهي، هي پارليامينٽ کي به سپريم نه سمجهندا، واضح طور چوان ٿو، چيف جسٽس ٻڌي وڃي اسان کي ٻه / ٽي جو فيصلو قبول ناهي، اسان کي ٽي/ چار جو فيصلو قبول آهي، قانون پاس ٿيڻ کان پوءِ توهان پاڻ اڪيلي سر پاڻمرادو نوٽيس نه ٿا وٺي سگهو، هن پنهنجي ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته سمورا ڪم ڇڏي انهن کي اسلام آباد اچڻو پوندو، اسان جو احتجاج پرامن هوندو، اگر سڌي آڱر سان گيهه نه نڪري ته ٽيڙي آڱر ڪري گيهه ڪڍيو ويندو، اگر ڪنهن ٽيڙي اک ڏانهن وٺو ۽ هٿ کڻڻ جي اسان مٿان ڪوشش ڪئي ته ڏنڊي جو جواب ڏنڊي، مڪن جو جواب مڪن ۽ ٿڦڙن جو جواب ٿڦڙن سان ڏينداسين، پي ڊي ايم حڪومت جو حصو آهي حڪومت ناهي، مان پي ڊي ايم جي فيصلي کان اوهان کي آگاهه ڪري چڪو آهيان، اگر اسان جي احتجاج دوران ڪنهن ٽوڙ ڦوڙ ڪئي ته مطلب پي ٽي آءِ جا شرپسند آهن ان کي ان وقت پڪڙيو ويندو، ملڪ جي معيشت، اخلاقيات، قانون سڀ ڪجهه عمران خان لاءِ داءَ تي لڳايو ويو آهي، رڳو حڪومت نه پر هر ڪنهن کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اگر اسان سان ڪنهن ڏنڊي سان ڳالهايو ته ان کي ان طرح جواب ڏينداسين ته کيس ڇٺيءَ جو کير ياد ڏياري ڇڏينداسين، اگر حملا طالبان ڪري ته غداري ڪا تنظيم ڪري ته ان تي پابندي ۽ هنن لاءِ آزادي آهي.