اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بدنظمي ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سان بدڪلامي تي کانئس معافي وٺي ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران بدنظمي تي عمران خان عدالت ۾ بيهي رهيو ۽ سڀني کي پر امن رهڻ جي اپيل ڪئي. بدنظمي دوران ججز اٿي هليا ويا هئا. ايڊوو ڪيٽ جنرل جھانگير جدون ۽ پي ٽي آءِ جي وڪيل سيف الرحمان وچ ۾ ڏند چڪ به ٿي، ان تي پي ٽي آءِ چيئرمين ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد جھانگير جدون کان معافي ورتي جڏهن ته بعد ۾ سيف الرحمان به کانئس معافي ورتي.