اسلام آباد: عمران خان جي پيشي جي موقعي تي عدالتي ڪمري ۾ عمران خان جي حق ۾ نعرا هنيا ويا جنهن تي ججز ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ججز عدالت مان اٿي هليا ويا، عدالتي ڪمري ۾ وڪيل پاران نعرا لڳائڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ايئن نه هلندو، هي ڪوئي طريقو ناهي، مڪمل خاموشي هجڻ گهرجي. جنهن بعد عدالت پاران ڪيس جي ٻڌڻي ۾ جمعي جي نماز تائين وقفو ڪيو. عمران جي پيشي کان اڳ ڪورٽ روم نمبر 3 ۾ رش ٿي وئي جنهن بعد غير لاڳاپيل ماڻهن کي عدالتي ڪمري مان ٻاهر ڪڍيو ويو.