اسلام آباد (بيورو رپورٽ + م ڊ) بچاءُ بابت وفاقي وزير خواجا آصف  چيو آهي ته چونڊن لاءِ اسين پيسا نه ڏينداسين، اسان کي پارليامينٽ روڪيو آهي. پارليامينٽرينز جي حيثيت ۾ پنهنجي اختيارن جو تحفظ ڪرڻو آهي.  خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته اسان اڄ به چيو آهي ۽ هر هر چئون پيا ته اسان احترام طور پيش ٿي رهيا آهيون، اسين 2-3 جو فيصلو نٿا مڃيون. چار ٽي جي فيصلي کي اهميت ڏيون ٿا. عمران خان کي ٻيهر مڙهڻ جي ڪوشش ٿي رهي هي. هن چيو ته سهولتڪارن جو ٻيو گروپ عمران کي اسان تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.  هن چيو ته سڀني کي ڄاڻڻ گھرجي ته آئين پارليامينٽ جي ڪُک مان جنم ورتو آهي، ان ۾ صرف 90 ڏينهن اندر چونڊن جو لکيل ناهي، اهو به لکيل آه ته هڪ ڏينهن  چونڊون  ڪرايو . خواجا آصف وڌيڪ چيو ته ڳالهيون ٿيون به ته 2018 جي چونڊن کان ڳالهيون شروع ڪنداسين.  ڳالهين لاءِ پي ٽي آءِ سان اڄ هڪ رابطو ٿيو هو 26 اپريل تي ڳالهين لاءِ انڊرسٽينڊنگ ٿي وئي هئي.  طئي ٿيو هو ته عيد کان پوءِ ٻيهر رابطو ڪيو ويندو. ٻئي پاسي سپريم ڪورٽ ۾ ملڪ اندر هڪ ئي وقت چونڊون ڪرائڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي دوران ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته اليڪشن لاءِ مخالف ڌر سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، سياستدانن جي وچ۾ دوستي آهي اسان پاڻ ۾ وڙهيل ناهيون، حڪومت جو شروع کان ئي اهو موقف رهيو آهي ته سياسي معاملا سياستدانن کي ئي حل ڪرڻ گهرجن، هڪ ئي وقت چونڊون ٿيڻ گهرجن، هن چيو ته حڪومت چاهي ته اليڪشن صاف ۽ شفاف نموني ڪرائي وڃي انڪري پوري ملڪ ۾ نگران سيٽ اپ ذريعي چونڊون ڪرائڻ لازمي آهن جيڪڏهن پنجاب ۾ پهرين چونڊون ٿيون ته بعد ۾ ٿيندڙ چونڊن تي آڱريون کڄنديون.