ڪنري / بودرفارم(نمائندن وٽان )منشيات وڪري جي الزام ۾ نوجوان ۽ سندس معصوم پٽ جي گرفتاري وارو مامرو: احتجاج ڪرڻ تي دھشتگردي جي ڪيس ۾ گرفتار 13 ڄڻن جي ٻن ڏينھن بعد پوليس گرفتاري ظاھر ڪري ڇڏي آهي، گرفتار ڪيلن کي دهشتگردي جي انت واري عدالت ميرپور خاص ۾پيش ڪيو ويو آهي، تشدد جي دانهن تي عدالت طرفان ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير ميمڻ کي 12 مئي تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حُڪم ڏنو ويو آهي. تفصيل موجب بودرفارم پوليس پاران 2 ڏينھن اڳ نوجوان يامين ڀٽي ۽ سندس 3 ورهين جي پٽ عرفان ڀٽي جي گرفتاري ڪرڻ خلاف احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن خلاف پوليس تي حملي دهشتگردي جي داخل ڪيس ۾ گرفتار سڪندر ڀٽي، آزاد ڀٽي، مرتضيٰ، محمد حسن، احمد، ممتاز، نور حسن، امير سلطان، راشد، مختيار علي، علي حسن سميت 13 ڄڻن جي ٻن ڏينھن بعد گرفتاري ظاھر ڪري ڇڏي آهي، پوليس سمورن جوابدارن کي رمانڊ لاءِ ميرپورخاص جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو. جتي جوابدارن پاران پوليس جي بي رحماڻي تشدد خلاف عدالت ۾ دانهون ڪندي چيو ته اسان کي پرامن احتجاج ڪرڻ تي دھشتگردي جو ڪيس ڪيو ويو، سياسي انتقام طور ڪپڙن کان آجو ڪري نازڪ جڳھن تي سخت تشدد ڪيو ويو، جوابدارن پاران عدالت کي تشدد جا نشان به ڏيکاريا ويا، جنھن تي عدالت پاران ايس ايڇ او بودرفارم پوليس تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي ڇنڊ پٽي، عدالت پاران تشدد جو شڪار جوابدارن جو سول اسپتال ميرپورخاص مان چيڪ اپ ڪرائي 12 مئي تي رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو، جڏھن ته عدالت پنجن جوابدارن سڪندر ڀٽي، آزاد ڀٽي، مرتضيٰ، محمد حسن ۽ احمد کي عدالتي رمانڊ تي سينٽرل جيل ميرپور خاص اماڻن جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ 8 جوابدارن ممتاز، نور حسن، امير سلطان، راشد، مختيار علي، علي حسن، ياسين ۽ رشيد کي پنج ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جڏھن ته عدالت ۾ بغير وردي جي پيش ٿيڻ تي بودرفارم ٿاڻي جي وڏي منشي نياز دل کي 3 ڪلاڪ ڪسٽڊي ڪرائي ڇڏيو ۽ کيس معافي جي استدعا تي آزاد ڪيو ويو. ڪيس جي ٻڌڻي 12 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ياد رهي ته 2 ڏينھن اڳ بودرفارم پوليس پاران نوجوان يامين ڀٽي ۽ سندس پٽ عرفان جي گرفتاري خلاف احتجاج ڪرڻ تي 23 ڄاتل ۽ 15 اڻڄاتل ماڻھن خلاف دھشتگردي ۽ ٻين قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو هو، جڏھن ته جوابدارن تي تشدد تي عدالت پاران ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير ميمڻ کي پڻ 12 مئي تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حُڪم ڏنو ويو آھي. هوڏانهن منشات ڪيس ۾ گرفتار يامين ڀٽي جي ضمانت سول ڪورٽ سامارو منظور ڪري ورتي آهي