اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا آهن ته سڀني کي خبر آهي ته آئين جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي. خدا جي واسطي آئين لاءِ گڏجي ويهو. عدالت ڳالهين تي مجبور نٿي ڪري سگهي. ڳالهيون ڪرڻ عدالت جو حڪم نه صرف تجويز آهي. اڃا ڪا هدايت نه پيا ڏيون نه ئي ٽائيم لائين ڏيون پيا. مناسب حڪم نامو جاري ڪنداسين. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي  ۾ ٽي رڪني بينچ ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. تحريڪ انصاف عدالت آڏو حڪومت کي ڳالهين جي آڇ ڪئي.  ٻڌڻي جي شروعات ۾ عدالت جي پڇڻ تي اٽارني جنرل ڳالهين بابت تفصيل ڏنا. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته 19 اپريل تي چيمبر ۾ ملاقات ودران فاروق نائيڪ ٻڌايو هو ته ڳالهين ۾ سينيٽ چيئرمين سهولتڪاري ڪندو، سينيٽ چيئرمين ته حڪومت جو نمائدنو آهي نه اپوزيشن جو، حڪومت ڳالهين ۾ سنجيده آهي ته قدم کڻي ها. عدالت ڳالهين تي مجبور نٿي ڪري سگهي. آئين تي عمل چاهي ٿي ته جيئن تڪرار جو حل نڪري. عدالت کي ڪا وضاحت نه گھرجي صرف حل ٻڌايو.  هن چيو ته سينيٽ چيئرمين اجلاس گھرائيندو ان ۾ به وقت لڳندو. سياستدانن کي پاڻ مسئلن جو حل ڪڍڻ گهرجي. چيف جسٽس چيو ته ڳالهين ذريعي حل نه نڪتو ته آئين به موجود آهي ۽ اسان جو فيصلو به موجود آهي. ڳالهين جيمعاملي ۾ صبر کان ڪم وٺڻو پوندو. قومي مفاد ۽ آئين جي تحفظ لاءِ اتفاق نه ٿيو ته جيئن آهي ايئن ئي هلندو، حڪومت اڃا تائين نيڪ نيتي ڏيکارڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا آهن،لڳي ٿو حڪومت رڳو پاس پاس کيڏي رهي آهي، اڄ اميد هئي ته ٻنهي ڌرين جي ملاقات ٿيندي.  ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته 19 اپريل تي حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ پهريون ر ابطو ٿيو، 26 اپريل تي ملاقات تي اتفاق ٿيو، 25 ارپيل تي اياز صادق ۽ خواجه سعد رفيق اسد قيصر سان ملاقات ڪئي، پر اسد قيصر ٻڌايو ته کيس ڳالهين جوا ختيار ناهي. گذريل ڏينهن حڪومتي اتحاد جون ملاقاتون ٿيون، ٻن پارٽين ڳالهين تي اعتراض ڪيو هو پر رستو ڪڍيو آهي. سينيٽ چيئرمين مٿئين ايوان ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن کي خط لکيا آهن. چيف جسٽس چيو ته ڇا اسد قيصر کان پوءِ ڪوشش ڪئي وئي ته ڪير ڳالهين لاءِ با اختيار آهي؟  سينيٽ چيئرمين ڪهڙي حيثيت سان رابطو ڪيو؟ اٽارني جنرل ٻڌايو ته اڱاري تي ميڊيا تان خبرپئي ته شاهه محمود قريشي ڳالهين لاءِ با اختيار آهي، سينيٽ وفاق جي علامت آهي ان ڪري سينيٽ چيئرمين کي چيو ويو.   فاروق ايڇ نائيڪ عدالت ۾ چيو ته سموريون حڪومتي اتحادي پارٽيون پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ راضي آهن. سينيٽ واحد ادارو آهي جتي سمورين پارٽين جي نمائندگي آهي. فاروق نائيڪ دليل ڏنا ته  سينيٽ چيئرمين جو ڪردار صرف سهوليت ڏيڻ آهي، ڳالهيون ته سياسي پارٽين جي ڪميٽين کي ئي ڪرڻيون آهن، سياسي مسئلو آهي ان لاءِ سياسي اڳواڻن کي ئي حل ڪڍڻ ڏنو وڃي. سياست جو مستقبل سياستدانن کي ئي طئي ڪرڻ ڏنو وڃي. شاهه محمود قريشي  ٻڌايو ته حڪومت جي زور ڀرڻ تي عدالت سياسي اتفاق راءِ جي لاءِ موقعو ڏنو هو پر پي ڊي ايم ۾ اڄ به ڳالهين تي اتفاق راءِ نه آهي. پي ٽي آءِ مون کي، فواد چوڌري ۽ علي ظفر کي ڳالهين لاءِ نامزد ڪيو پر تحريڪ انصاف سان ڪوبه رابطو ناهي ڪيو ويو، اڄ تائين مون سان ڪنهن به رابطو ناهي ڪيو. بس سينيٽ چيئرمين گذريل ڏينهن فون تي چيو وزيراعظم جي چوڻ تي رابطو ڪري رهيو آهيان پر سينيٽ چيئرمين به صرف سينيٽرز جا نالا گهريا آهن. سينيٽ ڪميٽي صرف دير واريون اٽڪلون آهن. قومي اسيمبلي جو اجلاس گھرائي رولز جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي. ڌرڻي دوران چيو هو ته پارليامينٽ منهنجو سياسي ڪعبو آهي، ٻڌڻي هيٺ معاملي کي پارليامينٽ ۾ بحث هيٺ نٿو آڻي سگهجي.  پارليامينٽ ۾ ڌمڪي وارو لهجو ۽ ٻولي ٻڌي شرمندگي محسوس ٿي. پارليامينٽ ۾ چيو ويو ته پارلايمينٽ جي توهين ٿي آهي. حڪومت سنجيده آهي ته هاڻي ئي ڳالهين لاءِ تيار آهيون.  ان موقعي تي چيف جسٽس شاهه محمود کي چيو ته اهي سياسي ڳالهيون آهن، اسين ڪيس جي باري ۾ ڳالهايون پيا، توهان چئو پيا ته سنجيدگي سان رابطو ناهي ڪيو ويو؟ شاهه محبود چيوته پي ٽي آءِ ڳالهين لاءِ سنجيده آهي. اسين اڄ ئي ويهڻ لاءِ تيار آهيون. حڪومت آئين ۽ عدالتي فيصلن جي ڀڃڪڙي جو فيصلو ڪري ورتو آهي.   فاروق نائڪ ٻيهر روسٽرم تي اچي چيوته پارليامينٽ کي ڪير هيٺ ڪري رهيو آهي، ان تي نٿو وڃڻ چاهيان. شاهه محمود جيڪا تقرير ڪئي آهي ائين ته اتفاق راءِ نٿو ٿي سگهي. سينيٽ چيئرمين کي نالا ڏيو سڀاڻي ئي ويهڻ لاءِ تيار آهيون.  ان تي چيف جسٽس چيو ته نالا ڏيڻ ۾ ڪهڙي سائنس آهي، ڇا حڪومت پنهنجا 5 نالا ڏنا آهن. فاروق ايچ نائڪ چيو ته پي ٽي آءِ چاهي ته ٽينالا ڏئي، پنج لازمي ڏين، ويهنداسين ته ڳالهايئنداسين. حل به نڪرندو. حڪومت جا نالا ٽن چئين ڪلاڪن ۾ فائنل هوندا.  چيف جسٽس کيس چيو ته  توهان به ان ڪميٽي ۾ شامل ٿيو ڇو جو توهان ماحول ٿڌو رکندئو. فاروق ايچ نائڪ چيو ته جيڪڏهن پارٽي ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ته ڳالهين ۾ ويندس نه ته نه.  ٻڌڻي دوران درخواست گذار سردار ڪاشف جي وڪيل شاهه خاور عدالت کي چيوته ٻئي ڌريون متفق ٿين ته حل نڪري ايندو. بيرسٽر علي ظفر عدالت کي ٻڌايو ته ماحول سازگار هوندو ته ڳالهيون ممڪن ٿينديون. ڳالهين لاءِ وقت مقرر ڪرڻ لازمي آهي. ڳالهين ۾ دير سان مقصد مري ويندو.   فواد چوڌري عدالت کي ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ به آئين تبديل نٿي ڪري سگهي. سياسي پارٽين کي اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ جوا ختيار نه ملڻ گھرجي. ائين ٿيو ته ڪا به حڪومت اليڪشن لاءِ فنڊ جاري نه ڪندي. پارليامينٽ ۽ عدالت نه پر آئين سپريم آهي. سياسي پارٽين جو اتفاق راءِ به آئين تبديل نٿو ڪري سگهي،.  جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته پهرين ڳالهيون ٿي وڃڻ کپن ها، عدالتي فيصلا، آئين ۽ قانون موجود آهي. قومي مفاد ۽ آئين جي تحفظ لاءِ اتفاق نه عيو ته جيئن آهي ائين ئي هلندو. عوام جي ڀلائي ۽ انهن جي ووٽ جي حق لاءِ ڪنهن حل تي پهچون ٿا ته بهتر آهي.  چيف جسٽس اٽارني جنرل کي چيو ته اسين سڀ ڪجهه توهان تي ڇڏين ٿا، سڀني کي خبر آجي ته اسين ڪٿي بيٺا آهيون. اسان جي سامهون مسئلو آهي ته سياسي پارٽيون چونڊن جي ڪنهن هڪ تاريخ تي متفق ٿين. سڀئي ڄاڻين ٿا ته آئين جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي. ڪجهه ماڻهو آهن جن سڄي عمر آئين جي حفاظت ڪئي، خواد جي واسطي آئين لاءِ گڏجي ويهو. اسين ان کان پوءِ آرڊر جاري ڪنداسين. جماعت اسلامي جو نائب امير ميا اسلم روسٽرم تي آيو ته چيف جسٽس چيو اسين ته سراج الحق جو انتظار ڪري رهيا هئاسين، اهو ڪٿي آهي. ميان اسلم چيو ته سراج الحق مون کي نمائندو بڻائي اماڻيو آهي اسان جو موقف آهي ته اسيمبلي جي چونڊ هڪ ئي ڏينهن هئي.تحريڪ لبيڪ جي وڪيل روسٽرم تي اچي چيو اسان جي درخواست کي نمبر هني ٻڌو وڃي. چيف جسٽس چيو ته سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن چونڊون چاهيو ٿا؟ وڪيل چيو ها. جنهن تي چيف جسٽس چيو پوءِ ته ڳالهه ئي ختم. بعد ۾ عدالت ٻڌڻي ملتوي ڪندي قرار ڏنو ته اڄوڪي ٻڌڻي جو مناسب حڪم بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.  بعد ۾ سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کان پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ چونڊن لاءِ حڪومت پاران فنڊ جاري ڪرڻ بابت اڳڀرائيرپورٽ طلب ڪري ورتي. عدالت پنهنجي نوٽيس ۾ چيو آهي ته اڄ صبح تائين اليڪشن ڪميشن جواب جمع ڪرائي. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ 27 اپريل تائين حڪومت کي ٻنهي صوبن ۾ چونڊن لاءِ 21 ارب رپيا جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.