جيڪب آباد جي عدالت زيادتي بعد قتل ڪيل ٻارڙي حسينه کوسو جي قبر ڪشائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو
عدالت پوسٽ مارٽم ۾ لاپرواهي جي الزام هيٺ آيل ڊاڪٽر ثمينه، سول سرجن، پوليس سرجن ۽ ايم ايس خلاف ڪارروائي جي به هدايت ڪئي آهي
سول جج نثار احمد شر جي عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته ٻارڙي حسينه کوسو جي قبرڪشائي لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڊي اين اي جزا ورتا وڃن، ڊي جي هيلٿ کي ليٽر جاري به جاري ڪيو ويو آهي
جاچ آفيسر غضنفر علي ڀٽو درخواست ۾ قبر ڪشائي جي استدعا ڪندي چيو ته ٻارڙيءَ جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر ثمينا شاهه پاران ڊي اين اي چڪاس لاءِ جزا نه ورتا ويا هئا، جزا نه وٺڻ سبب جاچ ۾ ڏکيائيون پيش پيون اچن
ڏاڍائي جو نشانو بڻائي قتل ڪيل ٻارڙي حسينه جو لاش 6 سيپٽمبر تي سندس گهر آڏو کڏ مان مليو هو
ڊي اين اي جزا نه وٺڻ جي الزام هيٺ آيل پوليس سرجن ڊاڪٽر صبغت الله سوال ڪرڻ تي ٽائيم نيوز جي رپورٽر کان فون کسي ورتي
هن کي به پڙهندا