ڪنڌڪوٽ(رپورٽر)ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج زاهد حسين ميتلو جو عوامي شڪايتن جو نوٽيس ورتو. ڪنڌڪوٽ ٺل بائي پاس کي ملائڻ لاءِ اين ايچ اي پاران اين او سي جاري ڪري ڇڏي. ٺل بائي پاس گذريل ڪيترن ئي سالن کان اڌورو هجڻ ڪري هيوي ٽريفڪ شهر مان گذرڻ ڪري ڪيترائي حادثا پيش آيا هئا. ڪنڌڪوٽ گهوٽڪي پل پراجيڪٽ هيٺ بائي پاس روڊ ٺل ڪنڌڪوٽ کي N55 نيشنل هائي ويز سان ملائيندو، جنهن سان ڪنڌڪوٽ شهر مان هيوي ٽريفڪ جو خاتمو ٿيندو.ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي ان معاملي تي نوٽيس وٺڻ بعد اين ايچ اي ڪشمور ٺل ڪنڌڪوٽ کي N55 نيشنل هائي ويز روڊ سان ملائڻ لاءِ اين او سي جاري ڪري ڇڏي آهي. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي اهڙي ساراه جوڳي عمل تي شهرين اظهر سنجراڻي.حاڪم کوسو، شاهنواز مرهيٽو ۽ ٻين ساراهايو آهي، شهرين جو چوڻ هو ته اسان جو شهر اڳ ئي کنڊرات بڻيل آهي ۽ رهيو ڪهيو ڪثر شهر مان هيوي گاڏين جي گذرڻ سبب روڊ تباهه حال بڻجي ويا آهن، ان عوامي مسئلي کي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج حل ڪرايو آهي، جيڪو ساراهه جوڳو عمل آهي.