اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات واري ڪمري جون تصويرون طلب ڪري ورتيون. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ثمن رفعت امتياز جيل ۾ پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات نه ٿيڻ بابت وڪيل نعيم حيدر جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، پي ٽي آءِ جي وڪيل شعيب شاهين پنجاب حڪومت پاران جمع ڪرايل رپورٽ جو عدالت ۾ ذڪر ڪندي موقف اختيار ڪيو ته پنجاب حڪومت پاران ملاقات نه ڪرائڻ جو ڪو  به ڪارڻ ناهي ٻڌايو ويو عدالت پڇاڻو ڪيو ته هن رپورٽ ۾ پنجاب حڪومت چئي رهي آهي ته جيل کان ٻاهر ذميواري ضلعي پوليس جي آهن، ان جو ڇا مطلب آهي؟ اِن جو ڇا مطلب آهي ته ڇا حڪومت پنجاب جو اِن ۾ ڪو به اختيار ناهي، عدالت شعيب شاهين کي چيو ته ڇا اوهان کي سيڪيورٽي پلان جي رپورٽ ملي آهي جنهن تي شعيب شاهين چيو ته هن رپورٽ ۾ ته ڪو ٿريٽ ناهي. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل آگاهه ڪيو ته باني تحريڪ انصاف جي مرضي سان ايس او پيز تيار ڪيون ويون آهن جن تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي. عدالت چيو ته ڇا باني تحريڪ انصاف سان ملاقات دوران وچ ۾ شيشي جي ڀت لڳائي وئي آهي، ائين ڳالهه ٻولهه ڪئين ٿيندي آهي. ڇا ٻين قيدين سان به ائين ٿيندو آهي. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل آگاهه ڪيو ته هر قيديءَ سان جڏهن ملاقات ٿيندي آهي ته وچ ۾ شيشي جي ڀت موجود هوندي آهي. شيشو لڳائڻ جو مقصد آهي ته منشيات يا ٻيون شڪي شيون جيل ۾ نه پهچائي سگهجن. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب مڪمل رپورٽ جمع ڪرائڻ لاءِ وقت گهري ورتو. جسٽس ثمن رفعت امتياز رمارڪس ڏيندي چيو ته سپريٽينڊنٽ اڊيالا جيل چوي ٿو ته جيل کان ٻاهر اِن جو اختيار ناهي. ايندڙ ٻڌڻي تي ٻڌائي ته ڪنهن جو اختيار آهي.