سکر (بيورو رپورٽ) گورنمينٽ پرائمري اسڪول لقمان سنڌي ميڊيم جي عمارت جو تعميراتي ڪم نه ٿيڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر ۾ داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي، عدالت جي طلب ڪرڻ تي صوبائي سيڪريٽري تعليم، چيف انجنيئر ايجوڪيشن ورڪس سکر، ڊائريڪٽر اسڪولز سکر ۽ ٻيا عملدار پيش ٿيا، عدالت سال 2022ع دوران برساتي ٻوڏ سبب تباهه ٿيل اسڪولن جا انگ اکر، اسڪولن جي ٻيهر تعمير واري سلسلي ۾ اڳڀرائي رپورٽ ۽ ڊونر ادارن طرفان جاري ڪيل فنڊن جا تفصيل جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 20 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول لقمان سنڌي ميڊيم جي زبون خسته هال عمارت ڊاهي اسڪول جي عمارت جي ٻيهر تعمير وارو ڪم رولڙي جو شڪار ٿيڻ خلاف داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت جي طلب ڪرڻ تي صوبائي سيڪريٽري تعليم زاهد علي عباسي، چيف انجنيئر ايجوڪيشن ورڪس سکر عبدالقادر شيخ، ايڪسين ايجوڪيشن ورڪس خيرپور ۽ سکر رياض مڱڻهار، شجاع ڦل، ڊائريڪٽر اسڪولز ايليمينٽري، سيڪنڊري ۽ هائير سيڪينڊري ريجن سکر حافظ شهاب الدين انڍڙ ۽ تعليم کاتي ضلعي سکر، خيرپور، گهوٽڪي، نوشهروفيروز جا عملدار پيش ٿيا، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ذوالفقار علي سانگي ۽ جسٽس عبدالحيمد ڀرڳڙي تي مشتمل آئيني بئنچ سيڪريٽري تعليم کان سال 2022ع دوران برساتي ٻوڏ سبب تباهه ٿيل اسڪولن جي ٻيهر تعمير ، مرمت وارو ڪم رولڙي جي ور چڙهيل هئڻ بابت پڇا ڪئي، جنهن تي سيڪريٽري تعليم عدالت کي سرڪاري وڪيل معرفت آگاهه ڪيو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ، عالمي بئنڪ ۽ ٻين ڊونر ادارن طرفان اسڪولن جي بحالي لاءِ فنڊ ڏيڻ جي سلسلي ۾ سنڌ حڪومت سان معاهدا ڪيا ويا آهن، سنڌ حڪومت کي ڊونر ادارن طرفان رقم جاري ڪرڻ بعد ايجوڪيشن ورڪس جي انتظام هيٺ اسڪولن جي عمارتن جي تعمير، مرمت وارو ڪم جاري آهي، جنهن بعد عدالت سکر ڊويزن جي گهوٽڪي، سکر، خيرپور ۽ نوشهروفيروز ضلعن جي تباهه ٿيل اسڪولن جي عمارتن جا انگ اکر ۽ هلندڙ تعميراتي، مرمتي ڪمن، ڪم جي معيار ۽ هن وقت تائين خرچ ٿيل فنڊن بابت تفصيلي رپورٽ گهري ورتي، جنهن تي سيڪريٽري تعليم عدالت کي مهلت ڏيڻ جي استدعا ڪئي، جنهن کانپوءِ عدالت برساتن دوران تباهه ٿيل اسڪولي عمارتن جي مرمت ڪرائڻ بابت اڳڀرائي رپورٽ ۽ ڊونر ادارن طرفان جاري ٿيل فنڊن سميت ايجوڪيشن ورڪس کاتي طرفان جاري ڪيل اين آءِ ٽيز جا تفصيل جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 20 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.