سکر (بيورو رپورٽ) اين آءِ آر سي ڪورٽ يوٽيلٽي ڪارپوريشن جا اسٽور بند ڪرڻ واري حڪم تي اسٽي آرڊر جاري ڪري ڌرين کي 9 مئي تي پيش ٿي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، اين آءِ آر سي جي ميمبر سيد نورالحسنين شاهه جي عدالت ۾ يوٽليٽي ڪارپوريشن جي مرڪزي نائب صدر پاران داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، درخواست ۾ زونل ۽ ريجنل مئنيجرز پاران 14 مارچ ۽ 3 اپريل تي يوٽيلٽي ڪارپوريشن جا اسٽور بند ڪرڻ وارو حڪم رد ڪرڻ جي عدالت کي استدعا ڪئي وئي، اهڙي فيصلي سان وڏي انگ ۾ ملازم بيروزگار ٿي ويندا، يوٽيلٽي ڪارپوريشن ذريعي عوام کي سستي ۽ معياري کاڌ خوراڪ جون شيون فراهم ڪيون وينديون آهن، عدالت يوٽيلٽي ڪارپوريشن سکر زون ۽ ٻين هنڌن تي يوٽيلٽي اسٽور بند ڪرڻ واري حڪم تي اسٽي آرڊر جاري ڪندي ڌر بڻايلن کي 9 مئي تي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.