عدالت مان 2 جوابدار فرار ٿيڻ واري واقعي جو ڪيس 4 اهلڪارن خلاف داخل

0
117
عدالتي عملي جي

سکر: سکر جي احتساب عدالت مان 2 جوابدار فرار ٿيڻ واري واقعي جو ڪيس 4 پوليس اهلڪارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي

پوليس وڏو منشي ۽ 3 اهلڪارن کي جوابدارن جي سهولتڪاري جي الزام ۾ گرفتار ڪيو آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته فرار ٿيل قيدين جي گرفتاري لاءِ 2 ٽيمون جوڙيون آهن، هڪ ٽيم ڪراچي ۽ ٻي لاهور رواني ٿي وئي

ڪيس ۾ نامزد اهلڪارن سنگين غفلت ۽ لاپرواهي جو مظاهرو ڪيو، جوابدار محمد نديم ۽ ضياءُ صديقي گذريل ڏينهن احتساب عدالت مان فرار ٿي ويا هئا

ٻنهي جوابدارن کي نيب آفيسر سڏائي ماڻهن سان فراڊ ڪرڻ جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو

ھي به پڙھندا

هڪ ٻن ڏينهن ۾ نئون آءِ جي سنڌ مقرر ٿي ويندو: مراد علي شاهه