ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) قانون واري وزير عمر سومرو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي ايم شيخ سان سندس چيمبر ۾ ملاقات ڪري عدالتي ڪارروائي سڌي ريت ڏيکارڻ (لائيو اسٽريمنگ) سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ملاقات ۾  چيف جسٽس پاران قانون واري وزير کي لائيو اسٽريمنگ بابت درخواست ڏيڻ جي ھدايت ڪئي وئي، ٻئي طرف قانون واري وزير عمر سومرو جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ عدالتي ڪارروائي جي لائيو اسٽريمنگ سان ٻين شھرن ۾ ويٺل ماڻھن کي فائدو ٿيندو، اهي پنھنجن ڪيسن جي ڪارروائي لائيو ڏسي سگھندا،  عدالتن ۾ ماڻهن جي رش به گهٽ ٿيندي،  هن چيو ته فيملي ڪورٽ ۽ دھشتگردي ٽوڙ عدالتن جي ڪارروائي جي لائيو اسٽريمنگ نه ٿيندي،