اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پاران سڄي ملڪ جي عدالتي نظام ۾ جدت آڻڻ جو فيصلو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ملڪ جي عدالتي نظام ۾ جدت آڻڻ لاءِ قومي ڪاميٽي جوڙي ڇڏي، جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهيءَ ۾ جوڙيل نيشنل جڊيشل آٽوميشن ڪاميٽي ۾ جسٽس محمد علي مظهر ۽ ٻيا جج به شامل هوندا، سپريم ڪورٽ جي پڌرائي موجب جڊيشل ڪاميٽي آرٽيفيشل انٽيليجنس سميت عدالتي نظام ۾ جدت تي ٻڌل قومي پلان جوڙيندي، جڊيشل آٽوميشن ڪاميٽي عدالتي نظام ۾ ڊجيٽل جدت آڻڻ ۽ انصاف جي بهتريءَ سان گڏ ڪيسن جي طريقيڪار لاءِ موبائيل ايپ به ٺاهيندي. ڪاميٽي عدالتي نظام ۽ تحقيق ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس متعارف ڪرائيندي، جسٽس منصور علي شاهه چيو آهي ته عدليه کي ٽيڪنالاجي ۾ جدت اختيار ڪرڻ گهرجي، دنيا صنعتي انقلاب کان ٽيڪنالاجي ڏانهن وڌي رهي آهي، هي وقت آهي ته پاڪستان جي عدالتي نظام کي به جديد ڪيو وڃي.