قاضي احمد (ن پ ا) اڳواڻي صلاحڪار اسماعيل ڏاهري جي ڀيڻ حميدهه ڏاهري چيو آهي ته عدالتي حڪم بعد قرآن پاڪ ۽ عدالت جو حڪم نامو لاڙڪاڻو جيل کڻي وياسين پر جيل انتظاميان اسماعيل ڏاهري سان ملاقات نه ڪرائي، جيل اختيارين خلاف جيل گيٽ اڳيان قيدي ڀاءُ جي تصوير ۽ قران پاڪ کڻي احتجاج ڪنديس، ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي هن چيو ته خدشو آھي ته پوليس منهنجي ڀاءُ مٿان وڌيڪ ڪيس ظاھر ڪندي، موجوده حڪومت مان انصاف جي اميد ناھي، هن چيو ته آءِ جي پوليس سنڌ ھاءِ ڪورٽ ڪراچي جي حڪمن کي مڃڻ لاءِ تيار ئي ناهي، آءِ جي پوليس توھين عدالت ڪندي ڀاءُ مٿان عدالتي منع نامي باوجود ميھڙ ٿاڻي تي ڪيس ظاهر ڪيو، جنهن عمل خلاف پنھنجي وڪيل معرفت توھين عدالت جي سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي آھي، هن چيو ته سياسي انتقام طور اسماعيل ڏاھري مٿان ڦر، ڌاڙن، چورين ۽ اغوا جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، خدشو آھي ته اسماعيل ڏاھري کي لاڙڪاڻو جيل کان ڪنھن ٻئي ھنڌ منتقل ڪيو ويو آھي، ڇاڪاڻ ته عدالتي حڪمن باوجود سندس سان ملڻ نه ٿو ڏنو وڃي، هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي.