اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مشهور قانوندان اعتزاز احسن ۽ سلمان اڪرم راجه چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو جمهوريت ۽ پوري نظام کي مستحڪم ڪندو. سپريم ڪورٽ ثابت ڪري ڇڏيو ته بالادستي صرف قانون جي هوندي. سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي اعتزاز احسن ۽ سلمان اڪرم راجه چيو ته تمام گهڻو اهم ڪيس هو جنهن جو فيصلو به اهم ڏنو ويو آهي. اسان شروع کان فوجي عدالتن ۾ سويلين جي ٽرائيل خلاف هئاسين. سپريم ڪورٽ ڌرين کي وڏي حوصلي سان ٻڌو. اسان سمجهون ٿا ته سپريم ڪورٽ بهترين فيصلو ڏنو آهي. هن چيو ته تاريخ ۾ سپريم ڪورٽ جي هن فيصلي کي سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو. اسان جي فوج آئين جي ماتحت هلڻ جي خواهش رکي ٿي. عدالت جو اصول آهي جج آزاد هجڻ گهرجن. پاڪستان ۾ ماضي کان علاوه ڪابه ٻئي اڳڪٿي نٿي ڪري سگهجي. اعتزاز احسن چيو ته اڄ اها ڳالهه ثابت ٿي وئي آهي ته(لاز ابوويو) بادشاهه ان لاءِ بادشاهه آهي ته قانون ان کي بادشاهه بنائيندو آهي. مشهور قانوندان چيو ته سمورن ادارن کي اطلاع هجڻ گهرجي ته اوهان جيترا به طاقتور هجو پر قانون کان مٿانهان نٿا ٿي سگهو. فوجي عدالتن ۾ سويلين جي ٽرائيل خلاف اسان جدوجهد ڪئي جيڪي واقعا ٿيا آهن ان جا هي ڏوهاري آهن. هن چيو ته هاڻ سمورن ادارن کي پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ وڏي حوصلي سان دليل ٻڌا. سڀني کي موقعو مليو. اهڙي فيصلي سان سول سوسائٽي جي وڌيڪ رهنمائي ٿيندي.