ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) وفاقي اينٽي ڪرپشن جي عدالت ۾ ٽڊاپ ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي، سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني ٽن ڪيسن ۾ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو، عدالت ٽڊاپ ڪيس جون وڌيڪ ٻڌڻيون 2 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيون. ياد رهي ته ايف آءِ اي جوابدارن خلاف 26 ڪيس داخل ڪيل آهن، يوسف رضا گيلاني ٽن ڪيسن ۾ شريڪ جوابدار آهي، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاني چيو ته هي جيڪو بل پاس ٿي رهيو آهي اهو ڪو خاص بل ناهي، ادارن جي سربراهن جي عمر وڌائڻ بابت بل تي انگ پورا ٿيندا ته بل منظور ڪيو ويندو، هن چيو ته جيڪڏهن اسان جا انگ پورا ٿين ٿا ته بل به پاس ڪيو ويندو، اهو بل سڌارن وارو آهي، اسان جي انگ اکرن بابت قياس آرائي ڪئي پئي وڃي. سينيٽ چيئرمين چيو ته سينٽ پارليامينٽ ميمبرن جي گرفتاري بابت ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي، ميمبرن جي گرفتارين جي مذمت به ڪئي آهي، ڪي پي بابت هڪ سوال جي جواب تي يوسف رضا گيلاني  چيو ته اسان ڪي پي ۾ گورنر راڄ جي حق ۾ نه آهيون، ڪي پي جي وڏي وڏي وزير جي معاملي کي سنجيدهه نه وٺو، هن چيو ته آئون مولانا فضل الرحمان جي تمام گهڻي عزت ڪندو آهيان، هن سان تمام گهڻو ڪم به ڪيو آهي، مولانا بابت ڪو به تبصرو نه ڪندس. سينيٽ چيئرمين وڌيڪ چيو ته وقت کان اڳ چونڊون مسئلن جو حل ناهي، اهڙي صورتحال ملڪ ۾ وڌيڪ مسئلا پيدا ڪندي، سمورين سياسي قوتن کي ملڪ لاءِ گڏجي سوچڻ گهرجي،  پرڏيهي پاليسي جا معاملا وفاقي حڪومت جي ماتحت آهن.