اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس نيب ترميمن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيو آهي ته عدالتي رمارڪس تي جيڪو رپورٽ ٿيو، ان تي صبر ۽ برداشت جو مظاهرو ڪري رهيا آهيون، سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمن خلاف عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس گذريل ٻڌڻي تي ڏنل رمارڪس تي ڳالهايو ۽ اٽارني جنرل جي سينيٽ کي لکيل خط کي ساراهيو.  چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته عدالتي رمارڪس تي جيڪو رپورٽ ٿيو، ان تي صبر ۽ برداشت جو مظاهرو ڪريون ٿا،  جيڪو رپورٽ ٿيو اهو نه صرف حقيقيت کان هٽي هو  پر جانبداراڻو به هو، ميڊيا جي دوستن کي عدالتي ردعمل نه اچڻ کي احترام سان ڏسڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس اٽارني جنرل خان مڪالمو ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ جو 2019ع جو فيصلو ميڊيا ڪنٽرول جي ڳالهه ڪري ٿو، اسان ميڊيا ڪنٽرول تي نه پر گڏيل احترام تي يقين رکون ٿا ۽ اٽارني جنرل جي خط کي ساراهيون ٿا. جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته ڄاڻان ٿو ته تنقيد جو ايندڙ هدف آئون بڻجي سگهان ٿو پر جيڪو مناسب لڳو اهو ڪيو، جڏهن مسئلو اليڪٽرانڪ يا پرنٽ ميڊيا جو ناهي، مسئلو سوشل ميڊيا جو آهي، ڇاڪاڻ ان تي ڪوبه قانون لاڳو نه ٿو ٿئي، سوشل ميڊيا جي خبر کي آئون فيڪ نيوز نه چوندس، هڪ ايجنڊا تحت سوشل ميڊيا تي ادارن کي ادارن خلاف ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، تنهن ڪري عدالت کي هن معاملي کي ڏسڻ گهرجي.