اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪم باوجود احتجاج ڪرڻ خلاف توهين عدالت جي درخواست تي پي ٽي آءِ کي نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي جواب طلب ڪري ورتو، چيف جسٽس عامر فاروق توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي هلائي، عدالت گهرو کاتي جي سيڪريٽري، چيف ڪمشنر، ڊي سي ۽ آءِ جي اسلام آباد کي به نوٽيس جاري ڪندي جواب گهري ورتو، اسلام آباد جي سيڪٽر ايف 7 جي واپاري تنظيم طرفان توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ويو ته هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود مظاهرين اسلام آباد آيا، حڪومت ۽ انتظاميا اسلام آباد ۾ امن امان برقرار نه رکي، ڌرين خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي جي استدعا.