اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن آئين ۽ قانون جي حڪمراني ۽ بنيادي حقن جي تحفظ لاءِ سڄي ملڪ جي بارڪائونسلز ۾ 14 سيپٽمبر تي هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ آل پاڪستان وڪيل ڪنوينشن جي پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته آئين ۽ قانڳن هي حڪمراني ۽ عوام جي حقن لاءِ بيٺا آهيون. عام چونڊون ڪرائڻ آئين تحت 90 ڏينهن ۾ لازمي آهي، سڄي ملڪ جا وڪيل آئين جود فاع ۽ شهري حقن جو تحفظ ڪندا. ڪنوينشن ۾ وڪيلن بجلي، تيل ۽ گيس جي قيمتن ۾ ڪيل اضافو واپس وٺڻ ڪو به مطالبو ڪيو. وڪيلن پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ته نگران سيٽ اپ 90 ڏينهن کان وڌيڪ وقت نٿو رهي سگهي. پنجاب ۽ ڪي پي جون نگران حڪومتون غير آئيني آهن. سپريم ڪورٽ بار ملڪي معاشي صورتحال جي پس منظر ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي دعوت ڏئي ٿي ته هڪ تعميري بحث شروع ڪيو وڃي.

ان کان اڳ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي سپريم ڪورٽ بار جي صدر عابد زبيري چيوآهي ته اليڪشن ڪميشن عدالتي حڪم ۽ آئين ۽ قانون جا بخيا اڊيڙي ڇڏيا آهن، جيڪڏهن عدالتون فيصلن تي عملدرآمد نٿيون ڪرائي سگهن ته عدلاتن کي تالو لڳايو وڃي. وڪيل ڪنوينشن کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ بار صرف قانون جي حڪمراني لاءِ ڪم ڪيو آهي. انشاء الله ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ٿيندي.