ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتضي وهاب چيو آهي ته عدالتن مان عام ماڻهو کي انصاف نٿو ملي، شايد اها ڳالهه ڪنهن کي خراب لڳي، 12 سالن کان شهيد ڀٽو جو ريفرنس التوا جو شڪار آهي، ڪالهه سٽي ڪورٽ ۾ پيپلز لائرز فورم پاران لڳايل ميمبرشپ ڪيمپ جو افتتاح  ڪرڻ  بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن  چيو ته عوام جي حقن واري جدوجهد ۾ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، هن چيو ته 8 فيبروريءَ کانپوءِ پيپلز پارٽي اقتدار ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪندي ۽ بلاول ڀٽو ملڪ جو وزيراعظم هوندو، ايندڙ دور جمھوريت پسند دور هوندو جيڪو عوام جو پسنديده دور هوندو،  هن چيو ته عدالتن ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته ڇا عام ماڻهو کي انصاف ملي رهيو آهي، اسان چاهيون ٿا ته هر وڪيل کي اهو حق حاصل هجي ته هو ڪيس هلائي، 12 مئي جي جدوجهد وڪيلن جي ئي آهي.